23 آچر , سيپٽمبر 2018

پيٽرول جو اگهه گهٽ ڪرڻ جو اعلان، نئين قيمت 92.43 في ليٽر مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽرول جي اگهه ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيٽرول في ليٽر 2.41 پيسا گهٽ ڪري ڇڏيو، نئين قيمت اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندي. تفصيل موجب حڪومت پيٽرول جي صارفن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي. مهانگائي کان بي حال عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنهن بعد هاڻ پيٽرول ٻه رپيا 14 پيسا گهرٽ ٿيڻ بعد 92.83 رپيا في ليٽر ملندو جڏهن ته لائٽ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 46 پيسا گهٽ ٿيڻ بعد 106 رپيا 57 پيسن تائين پهچائي وئي ان کان سواءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 37 پيسا گهٽ ڪئي وئي آهي، گاسليٽ جي قيمت ۾ 46 پيسن جي لاٿ ڪئي وئي جنهن بعد نئين قيمت 83 رپيا 50 پيسا ٿي وئي جيڪا اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے