22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

سڌُ سماءَ وارو وزير هيليڪاپٽر جي 55 رپيا في ڪلو ميٽر خرچ واري دعويٰ تي قائم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سڌُ سماءَ وار وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته وزير اعظم هائوس جي 5 ڪروڙ رپين واري گاڏي 6 ڪروڙ ۾ نيلام ڪنداسين. سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري  هيلي ڪاپٽر جي 55 رپيا في ڪلو ميٽر خرچ جي دعويٰ تي هاڻ به قائم آهي ۽ هن چيو ته هيلي ڪاپٽر ڪمپني جو مينوئل ڏسو ته في ڪلو ميٽر فيول خرچ 55 رپيا بڻجي ٿو پر ان ۾ پائلٽ ۽ هيلي ڪاپٽر جا ٻيا خرچ شامل ناهن. هن چيو ته جيڪي ماڻهو هيلي ڪاپٽر فيول بابت ڳالهيون ڪري رهيا آهن اُهيڪڏهن رڪشي ۾ به ناهن ويهندا. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته وزير اعظم هائوس ۾ 200 کان وڌيڪ گاڏيون واڌو رکيون ويون ۽ غير ضروري گاڏين کي نيلام ڪيو پيو وڃي. پنج ڪروڙ جي گاڏي گهٽ قيمت نيلام ڪرڻ سان قومي ناڻي کي نقصان بابت سوال تي فواد چوڌري چيو دعويٰ ڪئي ته 5 ڪروڙ جي گاڏي 6 ڪروڙن ۾ وڪرو ڪنداسين. هن چيو ته پرڏيهي مهمانن جي آمد جي توهان کي گهڻي فڪر آهي پر پهرين پنهنجي عوام جو حال ڏسو، مودي يا پاڪستان ايندڙ ڪنهن به پرڏيهي شخصيت جي عام گاڏي ۾ ويهڻ سان عزت گهٽ نه ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Weather Department Today's heat-rising predecessors, the beach closed off

موسميات کاتي پاران اڄ کان ڪراچيءَ ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي، سامونڊي هوائون بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ۾ سامونڊي هوائن بند هئڻ سبب ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے