22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

وزير اعظم عمران خان سان ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جي ملاقات

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان سان ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ مضبوطي جي بحالي تي زور ڏنو. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان سان ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف جي ملاقات ٿي آهي جنهن م خطي جي موجوده صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ايراني پرڏيهي وزير وزير اعظم کي ايشيائي ڊائيلاگ سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي عمران خان ايران جي سپريم ليڊر طرفان ڪشمير مسئلي جي حمايت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايران سان مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏينداسين، وزير اعظم  عمران خان خطي ۾ امن ۽ مضبوطي جي بحالي تي ڏيندي چيو ته اسلام مخالف سرگرمين جي خاتمي لاءِ مسلم ملڪن کي گڏ ٿيڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے