26 اربع , سيپٽمبر 2018

خانگائڻ جي ذريعي ملازمن کي بيروزگار ڪيو ويو ته مزاحمت ڪنداسين: بلاول ڀٽو

لاڙڪاڻو(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته خانگائڻ جي ذريعي ملازمن کي بيروزگار ڪيو يوو ته سخت مزاحمت ڪنداسين. نئون ديرو هائوس لاڙڪاڻو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هاڻ سنڌ مان بيروزگاري، معاشي بحران ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي جنهن جي لاءِ مون کي عوام جي سهڪار جي ضرورت آهي جيئن مسئلا حل ڪري سگهون، اميد آهي ته عوام اُئي ئي سهڪار ڪندو جيئن هو شهيد ڀٽو ۽ محترمه بينظير شهيد سان ڪندو هو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام ان وزير اعظم مان ڪهڙيون اميدون رکيون جنهن پهرين تقرير ۾ 500 ماڻهن کي بيروزگار ڪيو هجي، حڪمران پارٽي هڪ پاسي منشور ۾ هڪ ڪروڙ نوڪرين جي فراهمي جي ڳالهه ڪندي آهي ته ٻئي پاسي ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خانگائڻ جي ذريعي ملازمن کي بيروزگاري جو عمل شروع ڪيو ويو ته اسان سخت مزاحمت ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے