20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: اسلام ڪوٽ: ڪانٽيو جي ميگهواڙن کي زوري لڏائڻ خلاف احتجاج

Islamkot: Protest against protesters of Zoroastriansاسلام ڪوٽ ۾ نوجوانن پاران ڪانٽيو جي ميگهواڙ برادري جي خاندانن کي زوري لڏائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو چھنو مل،راجـا سنڌي ۽ منيش ڪمار ملاڻي سميت ٻين نوجوانن ڪانٽيو ۾ ميگهواڙ برادري جي 10 گهرن کي بااثر جي زور تي لڏائڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوانن چيو ته ڪانٽيو ۾ بااثرن غريب ميگهواڙ برادري جي ڏھ گهرن کي زوري لڏائي ظلم ڪيو آهي، هو اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

هنن چيو ته پوليس بااثرن خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري، جنهن سبب متاثر خاندان دربدر آهن.

نوجوانن ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته متاثر خاندانن سان انصاف ڪن، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tando Muhammad Khan: Tribute to the Martyrs of Karabala

نيوز: ٽنڊو محمد خان: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

*ٽنڊي محمد خان ۾ به ڪربلا جي شهيدن کي عزاداري ڪري ۽ مجلسون منعقد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے