25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پرڏيهي وزير جي ايراني هم منصب سان ملاقات

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات دوران ٻنهي ملڪن ۾ پراڻي لاڳاپي کي هٿي ڏيڻ واري عزم جو اظهار ڪيو ويو. تفصيل موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ سندس ايراني هم منصب جواد ظريف جي وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات بعد ٻنهي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته نئين حڪومت جي قيام بعد ڪنهن به پرڏيهي وزير جو اِهو پهريون دورو آهي. ايراني پرڏيهي وزير جي پاڪستان آمد تي ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ايران سان پراڻي لاڳاپي کي وڌيڪ هٿي ڏينداسين. ايران جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جو چوڻ هو ته خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪدناسين، پاڪستان سان ڀائيراڻا لاڳاپا آهن، خاص پاڙيسري ملڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ تي خوشي آهي، امن ۽ سيڪيورٽي بابت سهڪار جاري رکنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے