22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اداڪارا اقرا عزيز فلم  ڊيبيو لاءِ جاندار اسڪرپٽ جي ڳولها ۾

Perkara Iqra, in pursuit of living creature for Azizi film Deboڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني ڊرامن ۾ بهترين اداڪاري جاجوهر ڏيکاريندڙ نوجوان اداڪارا اقرا عزيز ڊبيو فلم لاءِ جاندار اسڪرپٽ جي منتظر آهي. اقرا عزيز 2014 ۾ ڊراما سريل” ڪسي اپنا ڪهين“ سان پاڪستاني ڊراما انڊسٽري ۾ قدم رکيو  هو جنهن کانپوءِ هن ڪيترائي ڪامياب ڊراما ڪيا. پر شهرت جي بلنديون هلندڙ سال رمضان جي خاص ڊرامي”سنو چندا“ کان ماڻي جنهن کي پاڪستان سميت ڀارت مان پڻ تمام گهڻي موٽ ملي رهي آهي. اداڪارا هن وقت به نئين ڊرامي پروجيڪٽن جو حصو آهي پر ان سان گڏ ئي فلمي دنيا ۾ قدم رکڻ لاءِ تيار آهي. هڪ اخبار کي انٽرويو ڏيندي اقرا عزيز ٻڌايو ته هوءَ سلور اسڪرين ڊيبيو ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر اسڪرپٽ سبب پريشاني جو شڪار آهي ڇاڪاڻ ته هڪ بهترين اسرپٽ جي ڳولها ۾ آهيان. اداڪارا جو چوڻ هو ته فلم جي ڪهاڻي سبب کان وڌيڪ اهميت رکي ٿي اهو ئي سبب آهي ته جو اسڪرپٽ تمام سٺو هئڻ گهرجي پر جڏهن اسڪرپٽ تفصيل سان لکيل نه هجي ته اهو بي بنياد هوندو آهي. اقرا عزيز وڌيڪ ٻڌايو ته مان فلم لاءِ اهڙو جاندار اسڪرپٽ چاهيان ٿي جنهن کي پڙهندي ئي لڳي ته دم آهي. انٽرويو دوران اقرا عزيز پاڪستان فلم انڊسٽري ۽ باليووڊ انڊسٽري جي حوالي سان سوال ڪيو ويو. اداڪارا سوال جو جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسان جي ڊراما انڊسٽري بهترين آهي ته ڀارت جي فلم انڊسٽري تمام گهڻي طاقتور آهي جنهن جو مقابلو هن وقت اسان نٿا ڪري سگهون، اسان جي فلم انڊسٽري کي ٽيم ورڪ ۽ بهترين معياري مواد جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هوته فلم جي ڪهاڻي لاءِ رڳو اداڪار تي ئي دارومدار ناهي هوند پر پروڊيوسر کان ويندي ڊائريڪٽر، ڊي او پي ۽ سموري ٽيم جي سٺي ڪارڪرگي جي ضرورت هوندي آهي جنهن بعد هڪ خوبصورت ڪهاڻي اسڪرين تي ايندي آهي، سان سڀني کي به ٽيم ورڪ جي ضرورت آهي جيڪا هاڻ پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ نظر اچڻ شروع ٿي وئي آهي ڇاڪاڻ تي انڊسٽري جي بهتري رڳو هڪ فرد جو ڪم ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے