18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

صدر فضل الرحمان ۽ وزير اعظم عمران خان هجي ها ته تبديلي هجي ها: محمود خان اچڪزئي

 ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته صدر فضل الرحمان ۽ وزير اعظم عمران خان هجي ته تبديلي ٿيندي جڏهن ته مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته پ پ پنهنجو اميدوار هٽائي ته مخالف ڌر جي ڪاميابي پڪي آهي. تفصيل موجب ڪوئيٽا ۾ محمود خان اچڪزئي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان ملڪ ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا جنهن جي لاءِ مخالف ڌر جو مضبوط اتحاد ضروري آهي. جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جو ملڪي نظام ۾ هڪ اهم ڪردار آهي، اسان چاهيون ٿا ته جمهوريت جي ان سفر ۾ پيپلز پارٽي اسان سان گڏ رهي، وزير اعظم جي چونڊ ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽي ساٿ ڏيندي ته شهباز شريف واضح اڪثريت سان کٽي ويندو، هاڻ به پيپلز پارٽي ساٿ ڏئي ته صدارتي چونڊ کٽي وينداسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته محمود خان اچڪزئي جي پارٽي اسان گڏ آهي، صدارتي چونڊن ۾ منهنجي حمايت ڪئي آهي، ڪوشش ڪنداسين ته پيپلز پارٽي کي به قائل ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي اميدوار تان هٿ کنيا ته اسان جي ڪاميابي پڪي آهي، اڄ محمود ۽ مولانا الائنس آهي، منهنجي والد جو نالو به محمود هو، مخالف ڌر جي ٻه صدارتي اميدوارن کي رهڻو آهي. سياست، معيشت، ۽ بچاءُ دٻاءَ ۾ آهي،  اسان داخلي خودمختياري محفوظ ڪرڻي پوندي. پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سان صدارتي اميدوار تي ڳالهيون ضرور ڪنداسين، جڏهن ٿڌي ۽ گرم تارون پاڻ ۾ ملنديون ته بجلي پيدا ٿيندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيمن جي تعمير بابت سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاڻي جي کوٽ ۽ ڊيمن جي تعمير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے