21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڪراچي جي عوام جي مسئلن جي ڄاڻ آهي: عمران خان

Imran Khan is aware of the problems of Karachi: Imran Khanاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جهڙي اهم شهر ۾ ڪيترين ئي بنيادي سهولتن جو کوٽ تي ڳڻتي آهي شهر جي عوام جي مسئلن جي ڄاڻ آهي. وزيراعظم عمران خان سان وزيراعظم هائوس ۾ اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن ملاقات ڪئي جن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ قانوني معاملن واري وفاقي وزير فروغ نسيم کانسواءِ امين الحق، ڪنور نويد، نسرين جليل ۽ ميئر ڪراچي وسيم اختر پڻ شامل هئا جڏهن ته ملاقات ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار نعيم الحق ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پڻ خاص طور شرڪت ڪئي. وزيراعظم ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي ملاقات دوران سياستي معاملن ۽ صدارتي چونڊ سميت سنڌ جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ايم ڪيو ايم جي وفد کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جي وفد وزير اعظم کي صدارتي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي اميدوار عارف علوي جي حمايت جو يقين ڏيارو. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پڻ ون ٽو ون ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن حڪومت طرفان اعتماد جو اظهار ۽ اهم ذميداري ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان ۽ سنڌ جي گورنر جي ملاقات ۾ سنڌ خاص طور ڪراچي جي موجودا صورتحال ۽ عوامي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته سنڌ جي راڄڌاني جي عوام جي مسئلن بابت علم آهي، ڪراچي جهڙي اهم شهر ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي بنيادي سهولتون جي کوٽ تي ڳڻتي آهي، ملڪي معيشت جي ترقي ۽ استحڪام ۾ ڪراچي اهم ڪرادر آهي. عمران خان چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي ماحول کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون، حڪومت عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جي مستقل حل لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے