21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 35 اي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ سال تائين ملتوي، ڪشمير ۾ هڙتال

Article 35A case adjourns the hearing in the Indian Supreme Court next yArticle 35A case adjourns the hearing in the Indian Supreme Court next year, strike in Kashmirear, strike in Kashmirنئين دهلي/سرينگر(ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 35 اي کي ختم ڪرڻ سان لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ سال جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ٻئي پاسي والاريل ڪشمير ۾ اڄ ٻئين ڏينهن به مڪمل هڙتال ڪئي پئي وڃي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 35 اي کي رد ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ سال جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. هاڻ ڪيس جي ٻڌڻي جنوري جي آخري هفتي يا فيبروري جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪئي ويندي جڏهن ته ڪيس جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي جي موقعي تي اٽارني جنرل جي وينو گوپال ٻڌڻي کي جنوري تائين ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ڪيس جي فيصلي سان ڪشمير ۾ وڏي پيماني تي حالتون خراب ٿيڻ جو خدشو آهي جڏهن هلندڙ سال ڊسمبر ۾ پنجائيت جي لاءِ چونڊون ٿي رهيون آهن. اٽارني جنرل وڌيڪ چيو ته چونڊن لاءِ پيرا ملٽري فورسز جو وڏو انگ مصروف هوندو. انڪري امن امان کي برقرار رکڻ ضروري هوندو ڪيس جو فيصلو پنچائيت جي چونڊن بعد ٻڌايو وڃي ته جيئن ڪنهن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پيرا ملٽري فورسز موجود هجن. ان کان اڳ 27 آگسٽ تي پڻ درخواست گذار طرفان ٻڌڻي کي ملتوي ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪرائڻ تي چيف جسٽس ديپڪ مشرا ۽ بئنچ جي ٻين ٻن ميمبرن ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي هئي ان کان اڳ پڻ 6 آگسٽ تي ٿيندڙ ٻڌڻي کي ملتوي ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي حريت اڳواڻن ان آرٽيڪل جي خاتمي کي ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش قرار ڏيندي ٻه روزا هڙتال ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي جنهن تي اڄ والاريل ڪشمير ۾ ٻئي ڏينهن پڻ مڪمل هڙتال جاري آهي. والاريل ڪشمير ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز ۽ سرگرميون معطل آهن، تعليمي ادارا بند ۽ اچ وڃ جا ذريعا نه هئڻ سبب روڊ ويران نظر اچي رهيا آهن. واضح رهي ته هندو انتها پسند تنظيم آر ايس ايس جي سرپرستي ۾ قائم هڪ غيرسرڪاري تنظيم قلم 35-اي جي مدو پورو ٿيڻ تي تجديد بجاءِ مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪرائي هئي. جيڪڏهن 35 اي ختم ڪيو ويو ته غيرمقامي شخص کي پڻ ڪشمير شهري تسليم ڪري ملڪيت خريد ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ملي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے