23 آچر , سيپٽمبر 2018

شام ۾ سرڪاري فوج ادلب طرف وڌڻ شروع ڪري ڇڏيو

In the evening, the civil army started increasingly moving forwardدمشق/ماسڪو/تل ابيب/واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) شامي صدر بشار الاسد جي حامي فورسز ملڪ ۾ باغين جي قبضي هيٺ آخري وڏي علائقي ادلب طرف وڌڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. شامي پرڏيهي وزير وليد المعلم ماسڪو ۾ روسي هم منصب سرگئي لاوروف سان ملاقات ۾ ان ڳالهه جو اعلان ڪيو آهي ته حڪومتي فورسز کي ان اڳڀرائي ۾ پڻ روسي هوائي فوج جي مدد حاصل هوندي. وليد المعلم جو چوڻ هو ته شامي فورسز ادلب ۾ باغين جي قبضي هيٺ علائقن جي اندر تائين ويندي ۽ ان ڪاروائي ۾ شامي فورسز جو اصل هدف النصرت فرنٽ جا عسڪريت پسند هوندا. هوڏانهن روسي جي بچاءَ واري وزارت بحيرا روم ۾ وسيع بحري مشقون ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، بچاءُ واري وزارت موجب پهرين کان 8 سپٽمبر تائين جاري رهندڙ مشقن ۾ 25 بحري جهازن ۽ 3  هوائي جهازن جي شرڪت ڪرڻ جا پڻ امڪان آهن. آمريڪا ۾ مقرر روسي سفير ايناتولي اينتونوف هلندڙ هفتي آمريڪي اختيارين کي ٻڌايو ته روسي حڪومت کي اهڙي طرح جي علامت تي سخت خدشا آهن آمريڪا کي شام خلاف بي بنياد ۽ غيرقانوني جارحيت کان خبردار ڪيو آهي، ٻئي پاسي اسرائيل شام ۾ ايران جي فوجي موجودگي جي هڪ ڀيرو ٻيهر مخالفت ڪندي شام ۾ ايران ۽ بشار الاسد جي فوجي ٺڪاڻن تي حملن جو سلسلو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو چيو آهي ته اسان جي فوج شام ۾ مقرر ايراني فورسز جي خلاف ڀرپور ڪاروائي ۽ حملا جاري رکندي، ان سان گڏوگڏ شام ۾ جديد هٿيارن روڪٿام لاءِ اسد رجيم جي ٺڪاڻن تي پڻ حملا ڪيا ويندا، سندس چوڻ هو ته شام ۾ ايراني موجودگي اسان کي ڊيڄاري نٿي سگهي ۽ نه ئي اسان ايران ۽ شام جي ڌمڪين تي ڪو ڪن ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شام ۾ داعش سان تعلق هئڻ جي شڪ ۾ برطانوي ڊاڪٽر گرفتار

دمشق ( ويب ڊيسڪ ) شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش سان واسطو رکڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے