18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڀارت لوئر ڪلنئي ۽ پڪل ڊل پاور هائوسز تي پاڪستان جا اعتراض قبولي ورتا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت لوئر ڪلنئي ۽ پڪل ڊل پاور هائوسز تي پاڪستان جا اعتراض قبول ڪري ورتا آهن ۽ هاڻي پاڪستاني پاڻي ماهرن جو 2 رڪني وفد سيپٽمبر ۾ ڀارت جو دورو ڪندو. پاڪ ڀارت انڊس واٽر ڪميشن جي ٻن ڏينهن جي گڏيل ڳالهين ۾ پاڪستان مضبوط موقف پيش ڪيو ۽ لوئر ڪلنئي ۽ پڪل ڊل پاور هائوسز تي ڀارتي انڊس واٽر ڪميشن جي اختيارين سامهون اعتراض پيش ڪيا.  ذريعن موجب ڀارتي انڊس واٽر ڪميشن جي 9 رڪني وفد نئين دهلي روانگي کان اڳ پنهنجي لاڳاپيل وزارتن سان رابطو ڪيو ۽ بعد ۾ وري گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. پڌرنامي تي صحيح واري تقريب ۾ ڀارتي انڊس واٽر ڪمشنر پي ڪي سڪسينا ۽ پاڪستاني واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه شرڪت ڪئي. ذريعن موجب پاڻي ماهرن جو 2 رڪني وفد سيپٽمبر ۾ ڀارت جو دورو ڪندو جنهن دوران ٻنهي تڪراري هائوسز جو معائنو ڪيو ويندو. پاڪستان جو موقف آهي ته ٻنهي رٿائن جي ڊيزائن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ طئي ٿيل 1960 جي انڊس واٽر ٽريٽي خلاف آهي. پاڪستان جو مطالبو هو ته پڪل ڊل بجلي گهر جي اونچائي پنج ميٽر گهٽ رکي وڃي ۽ سپل ويز جا گيٽ سمنڊ کان وڌيڪ 40 ميٽر بلند رکيا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري اين آر او ڪيس ۾ اثاثن جا تفصيل گهرڻ واري فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے