23 آچر , سيپٽمبر 2018

سرينگر جي ارم حبيب پهرين ڪشميري عورت ڪمرشل پائيلٽ بڻجي وئي

Arghar Habib of Srinagar became a Kashmiri woman a commercial pinnacleسرينگر/نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) سرينگر سان تعلق رکندڙ 30 ورهين جي ارم حبيب پهرين ڪشميري عورت ڪمرشل پائيلٽ بڻجڻ جو اعزاز  حاصل ڪري ورتو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب پنهنجي خواب کي ساڀيان جو روپ ڏيڻ لاءِ ارم حبيب ڪيترين ئي رنڊڪن کي پار ڪيو. هن جڏهن پائيلٽ بڻجڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ته کيس ٻڌايو ويو ته هڪ ڪشميري ڇوڪري ڪڏهن به پائيلٽ نٿي بڻجي سگهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجن والدين کي راضي ڪرڻ ۾ 6 ورهين جو عرصو لڳو ۽ سندس والدين جي نظر ۾ هوائي شعبو تڪرارن وڪوڙيل  علائقي ڪشمير ۾ رهندڙ عورت لاءِ ناهي بڻيو. ارم حبيب ڊيرادون مان جهنگلن جي شعبي ۾ گريجويشن ۽ شيرڪشمير يونيورسٽي مان زرعي سائنس ۽ ٽينڪالوجي ۾ پوسٽ گريجويشن ڪئي. سندس چوڻ آهي ته تعليم دورن جهاز اُڏائڻ جو خواب سدائين ساڻس گڏ رهيو. هن آمريڪي رياست ميامي مان جهاز اُڏائڻ جي تربيت حاصل ڪئي جنهن بعد 2016 ۾ هو ڪمرشل پائيلٽ جو لائسنس حاصل ۾ لاءِ ڀارت واپس آئي. آمريڪا ۾ ارم حبيب سخت محنت بعد هوائي امتحان پاس ڪيو ۽ لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ 260 ڪلاڪن جي ضروري فلائٽ جو تجربو حاصل ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شام ۾ داعش سان تعلق هئڻ جي شڪ ۾ برطانوي ڊاڪٽر گرفتار

دمشق ( ويب ڊيسڪ ) شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش سان واسطو رکڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے