20 خميس , سيپٽمبر 2018

 ڪاليجن ۾ شام جا ڪلاس ختم، ايل ايل بي پروگرام پنجن سالن جو هوندو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ لا ڪاليج سڌارا ڪيس ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت ٽن سالن جي ايل ايل بي پروگرام جو اهو آخري سال هوندو ۽ 31 ڊسمبر2018ع کانپوءِ ايل ايل بي پنجن سالن جو هوندو. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس عمر عطا بنديال  لا ڪاليج سڌارن واري ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پنجن سالن جو ايل ايل بي سالياني سيمسٽر جي بنياد تي ٿيندو ۽ لا گريجوئيٽ لاءِ داخلا ٽيسٽ ايڇ اي سي وٺندي. سپريم ڪورٽ لا ڪاليجن ۾ شام جا ڪلاس به ختم ڪري ڇڏيا آهن جنهن تي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شام جي ڪلاسن تي موقف ٻڌي سگهجي ٿو. فيصلي موجب ملڪ جي 11 يونيورسٽين کانسواءِ ڪا يونيورسٽي ڪاليج جو الحاق نه ٿي ڪري سگهي، ڪاليجن جي يونيورسٽين سان الحاق جو فيصلو ايڇ اي سي ڪندي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن کي لا ڪاليجز جي معاملي تي منع نامو نه ملندو، ڪاليجن جو معيار تعليم فراهم ڪرڻ نهايت ضروري آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايڇ اي سي ۽ پاڪستان بار ڪائونسل 6 هفتن ۾ ڪاليجن جي ڪارڪردگي رپورٽ ڏين جڏهن ته پاڪستان بار ڪائونسل کان منظوري نه وٺندڙ ڪاليجن کي معطل سمجهو وڃي.فيصلي موجب جج ڪاليج ۾ پڙهائي سگهي ٿو، بار ڪائونسل ۽ ايڇ اي سي جا متاثر سڌو سنئون سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪن، اعليٰ عدالت متاثر ڌر کي ٻڌي لاڳاپيل فورم سان رابطي جو چئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے