20 خميس , سيپٽمبر 2018

ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ وڌائي 30 لک تائين آندو ويندو: اسد عمر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪي 10 لک ماڻهو ٽيڪس ريٽرن فائل ڪري رهيا آهن کين 30 لک تائين وٺي وڃڻ جي گنجائش آهي. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته ملڪ جي 2 ڀاڱي 3 آبادي روزاني 2 ڊالر کان گهٽ ڪمائي ٿي، جڏهن ته ملڪ ۾ 40 سيڪڙو آبادي جي عمر 18 سالن کان گهٽ آهي جن کان ٽيڪس اوڳاڙي جي گنجائش ناهي. هن چيو ته ملڪ ۾ 15 لک 11 هزار 820 ماڻهن ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرايو آهي، جن مان 5 لک ماڻهن ٽيڪس ريٽرن فائل نه ڪيو آهي، ملڪ ۾ جيڪي 10 لک ماڻهو ٽيڪس ريٽرن فائل ڪري رهيا آهن کين 30 لک تائين وٺي وڃڻ جي گنجائش آهي. ناڻي واري وزير چيو ته سڪوڪ بانڊ ۽ ڊائيسپورا بانڊ جو فيصلو ٿي ويو آهي، ايف بي آر چيئرمين سان هلندڙ هفتي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ ٽيڪس سڌارن جي حڪمت عملي تي ڪم ٿيندو،  پهرين کان ملڪ ۾ ٽيڪس سڌارن تي ڪافي ڪم ٿيوآهي، هاڻي ٽيڪس سڌارن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسد عمر چيو ته  اسان ٽيڪس سڌارن جي راهه ۾ رنڊڪون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جي آزادي کي پ پ چيئرمين رليف قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے