22 خميس , جون 2017

تاريخ ڳالهائي ٿي

8 جون 1850 ۾ سنڌ حڪومت پاران مسافرن جي رهائش لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ مسافر خانن ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو.جڏهن ته ڪراچي ۾ هڪ اسپتال جو اعلان پڻ ڪيو.جنهن جي منظوري لاءِ فرضي نقشو بمبئي حڪومت کي موڪليو ويو.
8 جون 1917 ۾ روهڙي ۾ ميٺارام رائسنگهه، لائبريري جو افتتاح ڪيو. جيڪا ستسري درمداس منڊل پاران عوام لاءِ کولي وئي.
8 جون 1945 ۾ برطانيه جي ڪميونسٽ پارٽيءَ اليڪشن پروگرام ۾ ڀارت جي آزادي جي ڳالهه ڪئي.
8 جون 1953 ۾ راولپنڊي سازش ڪيس تي ٻيهر نظر ثاني ڪرڻ لاءِ هزارين ماڻهن گورنر جنرل کي درخواستون موڪليون.
8 جون 1965 ۾ ٻين قومي اسيمبلي 1962 جي آئين هيٺ وجود ۾ آئي.
8 جون 1971 تي ڪراچي ۾ پورهتين جي مظاهري تي پوليس جي فائرنگ سبب 11 ماڻهو مارجي ويا.
8 جون 1991 ۾ راولپنڊي کان ايندڙ تيزگام ريل جو گهوٽڪي ۾ مال گاڏي سان ٽڪر ٿيڻ سبب 50 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز | نيوز بليٽن پنجون

پاڪستان سمورن تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو خواهمشند آهي: عبدالباسط افغانستان هر ڪارروائي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي