26 اربع , سيپٽمبر 2018

عمران خان جي حڪومت، اميدون ۽ خدشا

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

جڏهن جڏهن حاڪمن ۽ حڪمرانن تي اقتدار جو نشو چڙهيو ۽ اختيار ۾ ڪنهن ٻئي جي ڀاڱي ڀائيواريءَ جو انديشو ٿيو يا وقتي طور تي حڪمرانيءَ جي ڪرسيءَ تان ڪري پيو ته ملڪ ۾ مانڌاڻ ضرور ايندو ۽ غير ملڪي قوتن کي ملڪ ڦٻائڻ جو موقعو ملندو، سنڌ جي صدين جي تاريخ جو اهو ئي تت آهي.

ڪلهوڙن جي دور ۾ جڏهن ايئن ٿيو ته نادر شاهه کي هن ملڪ ۾ مکڻ ماکيءَ جا نار وهندي ڌيکاريا ته ڪنهن شاعر چيو ته ”شامتِ اعمال ما، صورت نادر گرفت“. مطلب ته اسان جي عملن جي شامت نادر شاهه جو روپ وٺي اسان اڳيان آئي آهي، ڏوهه ماڻهن جو ڪو نه هئو، عوام ويچارو ته پنهنجن خواهه پراون جي ڏينهن ۾ ”لڪڻ راڄ“ چيو ۽ سمجهيو ويندو آهي ۽ ان کي لَڪڻ، لٺ باٺي سان هلايو ويندو آهي، ان ڪري جڏهن اقتدار ڌڻي يا اقتدار جا عاشق هڪ ٻئي جي پٽڪن ۾ هٿ وجهندا آهن ته پوءِ ٻين کي وارو ملندو آهي.

پاڪستان جي سياست ۾ ! ايئن ئي ٿيو، نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ سالن جا سال ملڪي اقتدار جي ڪرسي ماڻي، انهن جي باهمي اختلافن ۽ ڪمزورين عمران خان کي موقعو ڏنو ته هو اقتدار ۾ اچي.

ملڪي سياست جي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته اقتدار ۾ ڪو ئي پنهنجي مڙسيءَ سان ڪو نه آيو، پر ذري گهٽ سمورن کي اقتدار ۾ آندو ويو آهي، پر اهڙي تبديلي ۽ ڪنهن نئين چهري جي آمد اڳ ۾ اقتدار ۾ آيل ۽ ويٺلن جي رڌڻي ۾ رولي پوڻ ڪري ممڪن بڻبي رهي آهي.

نواز شريف انهن هٿن کي وڍڻ شروع ڪيو، جن کيس سنواري سينگاري واپاريءَ مان سياستدان بڻائي ملڪ جي مسند تي ويهاريو، پيپلز پارٽيءَ ۾ ڀٽن جي شهادتن کان پوءِ پارٽيءَ، ڌڻين جون ترجيحون مٽجي ويون ۽ انهن تي اک، ڇنڀ ۾ امير ترين ٿيڻ بابت خدشن ۽ سوالن جنم ورتو، شهيد بي نظير جي حڪمت عملي ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ يا ” اقتدار ڪرڻ ڏيو ۽ پنهنجي واري جو انتظار ڪريو“، معاهدي طور ڪجهه وقت هلي ۽ نتيجي ۾ ٻنهي پارٽين کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو، پر اهو ٺاهه جٽادار بڻجي نه سگهيو، پارٽيون پاڻ ۾ ڪڏهن ٺهي نه سگهيون، تان جو حالتون اهڙيون پيدا ٿيو جو ٻنهي پارٽين جو هڪ ٻئي کان پري رهڻ ۾ سندن بچاءُ هئو، وقت ۽ حالتن جي ڏاهپ انهيءَ ۾ ئي هئي ته پيپلز پارٽي” آپ-گهاتي راند“ ۾ نواز ليگ جو ساٿ نه ڏئي، ايئن ساٿ ڏئي هن وقت تائين پيپلز پارٽيءَ وڏن واڳ-ڌڻين کي چيڙايو ڪونهي، باقي رهيون پارٽيءَ اڳواڻن تي اک-ڇنڀ ۾ ڌن- ڌڻي ٿيڻ جون ڳالهيون، ان لاءِ حالتون ۽ حڪمت عمليون ئي سندن حيثيت کي متعين ڪنديون.

نواز ليگ جي ته تڏا-ويڙهه ٿي وئي، پر پيپلز پارٽي سنڌ ۾ اقتدار ۽ اختيار جي حيثيت ۾ اڃا موجود آهي، ٻنهي پارٽين ماضيءَ ۾ ملڪ ۽ ماڻهن کي ڇا ڏنو ؟ ان جو سولو جواب اهو آهي ته جيڪڏهن ماڻهون کانئن خوش هجن ها ته عمران خان کي اڪيلي سر ۽ آسانيءَ سان وڏيءَ ڪرسيءَ تي ويهڻ ڪي قدر ڏکيو ٿي پئي ها ۽ سنڌ کان سواءِ باقي صوبن ۾ ۽ مرڪز ۾ ايئن موجون نه ماڻي ها.

مرڪزي اقتدار ۾ هاڻي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ماضيءَ جا يادگار بڻجي ويون آهن. هاڻي ڀريا پنج سال عمران خان کي پنهنجي تبديلي واريءَ دعويٰ کي ثابت ڪرڻ ۾ گذارڻا آهن، پر اها ڳالهه اسان سمورن کي ڌيان ۾ ضرور رکڻي پوندي ته سياستدان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سندن وعدن، زبانن ۽ روين ۾ زمين آسمان جو فرق اچي ويندو آهي.

عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ڏاڍو ڳالهائيندو هو، پر وزيراعظم طور قسم کڻڻ کان ٿورو اڳ جهڙوڪ نه ڳالهائڻ ۽ خاموش رهڻ جو قسم کائي چڪو آهي، اسان هنن ڪالمن ۾ اهو لکي چڪا آهيون ته عمران خان جي پارٽي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ اندروني خلفشار جو شڪار ٿيندي ۽ اها پارٽيءَ ڌڻين جي وس جي ڳالهه به نه هوندي ته اهي پارٽي ڪارڪنن جي هر آس اُميد کي پورو ڪري سگهن، عمران خان جي مجبورين ۽ نرالين حڪمتن جو پتو سنڌ جي گورنر جي تقرريءَ ۽ پنهنجي مرڪزي وزيرن جي مقرريءَ مان ئي لڳائي سگهجي ٿو، عمران خان جي ڪابينا ۾ ڪي اهڙا به وزير آهن، جن جي قومي ڪردار تي سمورا ماڻهون خوش ڪو نه آهن، سنڌ مان فقط هڪ مانائتي مائيءَ کي وزير طور کڻڻ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته برابريءَ جي بنياد تي سنڌ کي نمائندگي ڪا نه ملي سگهي آهي، جڏهن ته هن پارٽيءَ کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ عمران خان جي عقيدتمندن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ خواهه قيادت کان ناراض سياستدانن سنڌ ۾ جهڙوڪ ڏينهن رات هڪ ڪري ڏيکاريو، خاص طور تي ٻيٽي جي جتوئن ۽ ڀٽن جي سردار پنهنجي پوليٽيڪل ڪيريئر ۽ سياسي بيهڪ جي حوالي سان وڏيون قربايون ڏنيون، حڪومت سازي ۽ جوڙجڪ ۾ في الحال سندن قردانيءَ جي ڪرن ڪنهن کي ڏسڻ ۾ ڪا نه آئي.

ملڪ ۾ سياسي ڪلچر ئي اهڙي طرح جو وڌي وڻ ٿيو آهي، جنهن مطابق سياست ۽ اقتدار کي ڪن خاندانن ۽ فردن جي گوليءَ غلام بنائڻ جو ئي ڪم ورتو ويو آهي ۽ عوامي سياست جو ٻج ئي ڪو نه چٽيو ويو آهي، ان ڪري عوام کي فقط ۽ فقط خوش فهمين خواهه سبزباغن جي حدن ۾ رکيو ويو آهي.

عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ واسين جيڪي هن ۾ آسون ۽ اميدون رکيون يا جن خوش فهمين جو شڪار ٿيا، وقت گذرڻ سان گڏ سموريون حقيقتون سندن اڳيان اچي وينديون، هاڻي ايئن به ٿي سگهي ٿو ته سنڌ واسين کي اهو چئي مطمعن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته سنڌ ۾ سندن پنهنجي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي، ان ڪري ڏک درد اتان ئي دور ٿيندا، پر پاڻ کي هيءَ حقيقت به ڌيان ۾ رکڻي پوندي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي گلن جي سيج تي ويهاري حڪومت ڪا نه ڪرڻ ڏني ويندي، ان حوالي سان سنڌ جي گورنر، گورنر ٿيڻ کان اڳ جيڪي بيان ڏنا، تن مان ئي گهڻو ڪجهه ظاهر ٿئي ٿو.

سنڌي عوام جا سمورا مسئلا صوبائي حڪومت سان لاڳاپيل ڪو نه ٿيندا آهن. انهن ۾ مرڪزي حڪومت جي حڪمت عملين ۽ روين جو وڏو دخل هوندو آهي، کوڙ سارا اهڙا مسئلا آهن، جن کي فقط مرڪزي حڪومت ئي حل ڪري سگهي ٿي، پاڻيءَ جي ورهاست جو مسئلو آهي، سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو خدشو آهي، ملڪ جي مالي ذريعن، وسيلن جي ورهاست جو مسئلو آهي، مرڪزي سرڪار ۾ ملازمتن جي اڪوٽا جو مسئلو آهي، ڪن کاتن ۾ ون-يونٽي ڪلچر جي خاتمي جو مسئلو آهي، اهي سڀ مرڪزي حڪومت جي هٿ وس آهن.

اسان کي جيڪا ڳالهه ذهن ۾ رکڻي آهي، اها هيءَ آهي ته پاڻ کي خوش فهمين جو شڪار ٿيڻو ڪونهي، منڍيءَ-مٽ ٿي آهي، پر نظام ساڳيو آهي، ان ڪري اسان جي پاٽ ۾ اهو ئي پوندو، جيڪو ڪُني ۾ آهي ۽ سالن کان وٺي جيڪي اسان جا حاڪم ۽ حڪمران ٿيا، انهن جا حال ۽ افعال ساڳيا رهيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي حڪومت، سنڌ جا سُڪل ڦٽ تازا ڪري ڇڏيا

سارنگ پيرزادو جيڪڏهن ڪنهن شخص کي گهڻا ڌڪ لڳن ۽ اهي ڦٽ ٿي وڃن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے