21 جمعو , سيپٽمبر 2018

اظهار جي آزاديءَ جو سوال ۽ حڪومت جون ذميواريون…

تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ٺهڻ کانپوءِ حڪومتي سطح تي ڪيترن ئي سرگرمين جي شوعات ڪئي وئي آهي ته جيئن حڪومتي ڪاروهنوار کي سڌو ڪري ملڪ کي ترقيءَ جي شاهراهه تي آڻجي، حڪومتي سطح تي جن سرگرمين جي شوعات ڪئي وئي آهي انهن ۾ ملڪ جي ميڊيا متعلق نئين قانون ۽ ادارا سازيءَ جو ڪم پڻ شامل آهي، انهيءَ ڏس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌريءَ اعلان ڪيو آهي ته ميڊيا کي ڪنٽرول ڪندڙ ادارن پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي ۽ پريس ڪونسل کي ختم ڪري پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ ئي اٿارٽي جوڙي ويندي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته انهيءَ ڏس ۾ ميڊيا جي ماڻهن سان صلاح مشورو ڪري فيصلو ڪيو ويندو ، پيمرا ۽ پريس ڪونسل ٻنهي کي ختم ڪري رهيا آهيون ۽ ان جي جاءِ تي ” پاڪستان ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي“ ٺاهي رهيا آهيون جيڪا نه رڳو اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي ڪنٽرول ڪندي پر ان سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي به نظر رکندي. سندس چوڻ هو ته ميڊيا جي انهن سمورين ڪيٽيگرين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ ئي ريگوليٽري اٿارٽي هئڻ گهرجي، سموري ميڊيا تي هڪ ئي قانون ۽ سينسر لاڳو ٿيڻ گهرجن، ان سان رياست جا وسيلا بچندا، سمورين اٿارٽين کي ضم ڪري پروفيشنلزم جي بنيادن تي هڪ اٿارٽي ٺاهينداسين جنهن ۾ ميڊيا جا ماڻهو به شامل هوندا. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سڌ سماءَ واري وزارت، ريگوليٽري باڊيز ۽ پي ٽي وي ۾ پڻ تبديليون نظر اينديون. اطلاعات واري وزارت جي ادارن ۾ به نمايان تبديلي آندي پئي وڃي.

اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌريءَ پاران ملڪ جي ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جن اپائن جو اعلان ڪيو ويو آهي، انهن اپائن جي عملي شڪل ڪهڙي هوندي ۽ ان جا فائدا ۽ نقصان ڪهڙا نڪرندا اها ايندڙ وقت جي ڳالهه آهي، پر سندس اعلان بعد ميڊيا جي ادارن، ميڊيا جي ماڻهن ۽ ملڪ ۾ شهرين ۽ عوام جي اظهار راءِ جي آزادين لاءِ ڪم ڪندڙ ڪيئي حلقن ۾ جهڙوڪر ڳڻتيءَ جي لهر ڇائنجي وئي آهي، ڇو جو فوري طور تي سمجهيو اهو پيو وڃي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جن اپائن جو ذڪر ڪري رهي آهي انهن سان ميڊيا جي ڪنٽرول وسيلي عوام جي اظهار راءِ واري حق کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پاڪستان ۾ هن وقت جيڪا به ۽ جيتري به ميڊيا جي آزادي آهي، اها نه ٿي چئي سگهجي ته ملڪي آئين ۾ عوام کي جيڪا اظهار راءِ جي آزادي مليل آهي، اها مڪمل ۽ جامع طور تي حاصل آهي، جڏهن ته عوام جو ڄاڻ تائين پهچڻ جو حق هڪ الڳ شيءِ آهي. پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي ۽ سڄي دنيا ۾ جمهوري ملڪن جو حسن اهو هوندو آهي ته اتي جا ملڪ پنهنجي ميڊيا سميت عوام کي اظهار راءِ جو حق مڪمل طور تي نه فقط ڏيندا آهن پر اهي ملڪ پاڻ عوام کي ملندڙ ” اظهار راءِ“ جي آزاديءَ جي اهڙي حق جو تحفظ ڪندا آهن، اڄوڪي دنيا ۾ جتي ٻين انساني حقن جي آزادين  جي تحفظ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي، اتي موثر ۽ ضروري نموني “ عوام جي راءِ جي اظهار” جي آزاديءَ جي تحفظ جي ڳالهه اولين بنيادن تي ڪئي ويندي آهي، ڇو جو دنيا ۾ اهو هڪ مڃيل اصول آهي ته جيستائين معاشري ۾ اظهار راءِ جي آزادي نه هوندي، اوستائين نه جمهوريت ترقي ڪري سگهندي، نه سياسي عمل مثبت نموني ترقي ڪندو ۽ نه ئي سماج جي اوسر ٿيندي، اظهار راءِ جي آزادي نه هجڻ / نه ملڻ سان جهڙوڪر سمورو معاشرو گهٽجي مري ويندو ۽ ڪنهن کي خبر به نه پوندي.

پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزاديءَ لاءِ هلندڙ تحريڪن جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي جن جي نتيجي ۾ عوام ۽ ميڊيا کي ڪنهن قدر آزاديون نصيب ٿيون آهن جن جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي.

تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ميڊيا کي ڪنٽرول ڪندڙ موجوده ادارن کي ختم ڪري جيڪا هڪ اٿارٽي ٺاهڻ جو خيال آيو آهي، ان جي پٺيان ضرور کين ڪي نه ڪي فائدا نظر ايندا هوندا پر حقيقت هيءَ آهي ته سوشل ميڊيا جي اچڻ بعد جهڙوڪ اظهار جي آزاديءَ جا معيار ئي مٽجي ويا آهن، عوام جيڪو ڪجهه جلدي ۽ مڪمل طور تي ڄاڻڻ گهري ٿو اهو انهن کي سوشل ميڊيا تان فوري ۽ مڪمل ۽ سواءِ ڪنهن سينسر جي ملي وڃي ٿو ۽ وڏي ڳالهه ته جنهن راءِ جو اظهار ڪرڻ گهري ٿو ته اهو به سواءِ روڪ ٽوڪ جي ڪري سگهي ٿو  ۽ ميڊيا جي حوالي سان جديد دور جي هڪ تلخ حقيقت اها آهي ته انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي دنيا جي ڪنهن به حڪومت جو ڪنٽرول ناهي، تنهنڪري سوشل ميڊيا جي ترقي ڪرڻ سان دنيا جي ڪيئي ملڪن اظهار جي آزاديءَ جي حوالي سان پنهنجن قانونن کي نرم ڪيو آهي.

اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاران ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جنهن  ” پاڪستان ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي“ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اسان اميد ٿا ڪريون ته ان اٿارٽيءَ جي بنياد تي اهڙا ڪي به اگرا قانون نه جوڙيا ويندا جيڪي عوام جي اظهار جي آزادي کسي وٺن يا انهن تي اثر انداز ٿين يا جيڪي عوام جي ڄاڻ تائين پهچڻ واري حق کي کسي وٺن، ڇو جو ماضيءَ جا مشاهدا اهو ٿا ٻڌائين ته جيڪي به حڪومتون ٿورو به غير جمهوري انداز ۾ سوچڻ شروع ڪنديون آهن ته اهي پهريان ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪنديون آهن ان بعد سندن خيال هوندو آهي ته هاڻي سڀ ڪجهه ڪرڻ آسان آهي، ” پاڪستان ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي“ جي ٺهڻ جي سلسلي ۾ جيئن ته وفاقي وزير اڳ ئي چئي چڪو آهي ته ان سلسلي ۾ ميڊيا جي ادارن ۽ ماڻهن سان  صلاح مشورو ڪيو ويندو، اسين پڻ انهيءَ حق ۾ آهيون ته پاڪستان ۾ ميڊيا کي ڪنٽرل ڪرڻ لاءِ جيڪو به ادارو قائم ٿئي هڪ ته اهو ميڊيا جي ادارن ۽ ماڻهن جي صلاح مشوري سان قائم ٿئي ۽ ٻيو ته اهو ادارو ان ڳالهه جو پابند هجي ته پاڪستان جي آئين ۾ عوام کي اظهار راءِ جي آزاديءَ جو حق حاصل آهي ان کي يقيني بڻايو وڃي.

جمعو 31 آگسٽ  2018ع، 19 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ – افغان لاڳاپا ۽ علائقي جو امن

افغانستان ۾ روس جي آمد بعد ۽ وري روس جي نيڪاليءَ بعد جيڪا جنگ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے