23 آچر , سيپٽمبر 2018

انسانيت سان پيار ڪندڙ شهزادي ليڊي ڊيانا کي وڇڙئي 21 ورهيه وهامي ويا

Lovely-loving-loving Lady Dana was wonders 21 years old

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا جي مشهور ترين شخصيت ۽ حسن جي راڻي  شهزادي ليڊي ڊيانا کي وڇڙئي 21 ورهيه وهامي ويا .ليڊي ڊيانا پهرين جولاءِ 1961ع تي برطانيا جي شهر سينڊريگهم ۾ايڊورڊ جون اسپينسر جي گھر ۾جنم ورتو.چئن ڀائر ڀينرن مان ليڊي ڊيانا جو نمبر ٽيون هو، ليڊي ڊيانا جي شادي پرنس چارلس سان ٿي ۽ اتفاق سان ليڊي ڊيانا جي ڀاءُ جو نالو به چارلس هو.ڊيانا اڃان ننڍي هئي ته سندس والدين جي طلاق ٿي وئي.قانون جي فيصلي سان ٻارن کي پيءُ سان گڏ رهڻ جو حق مليو.ڊيانا پنهنجي ابتدائي تعليم سينڊريگهم ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ سوئزرلينڊ هلي وئي. 29 جولاءِ 1981تي ليڊي ڊيانا برطانوي شهزادي چارلس سان شادي ڪئي ، اهڙي يادگار ۽ عظيم الشان شادي اڄ تائين ڪنهن جي به نه ٿي جهڙي ليڊي ڊيانا ۽ پرنس چارلس جي ٿي، سڀ کا وڏي ڳالهه ته ٻنهي جي شادي ٽي وي تي سڌي ريت نشر ڪئي وئي، جيڪا سڄي دنيا ڏٺي.پنج سال ٻئي گڏ رهيا پوءِ ٻنهي ۾ طلاق ٿي وئي.جنهن جو ڪارڻ هي هو ته پرنس چارلس جا ٻين عورتن سان لاڳاپا رهيا.تيستائين ليڊي ڊيانا ٻن ٻارن جي ماءُ به ٿي وئي هئي.ڊيانا جو پهريون پٽ پرنس وليم آهي ۽ سندس ٻي پٽ جو نالو پرنس هيري آهي. شادي ٿيڻ سان ئي ڊيانا فلاحي ڪمن ۾ زور شور سان حصو وٺڻ لڳي هئي.شروع ۾ هن ڪينسر ۽ ايڊز جي مريضن خاص طور تي ٻارن جي امدادي ڪمن ۾ حصو ورتو. هوءَ کوڙ فلاحي ادارن جي سرپرست رهي.طلاق کان پوءِ هن سڄي دنيا جي مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو، جنگين ۽ بارودي سامانن جي ڪري جيڪي ٻار معزور پيا ٿين ليڊي ڊيانا انهن کي پنهنجي هنج تي کڻي اسپتال پهچائيندي هئي.عمران خان ۽ جمائما جي طلاق کان اڳ هوءَ عمران خان جي دعوت تي پاڪستان به آئي هئي.هن کي پاڪستاني ثقافت تمام گھڻي پسند آئي.31  آگسٽ 1997ع تي روڊ حادثي ۾ليڊي ڊيانا وفات جو موت واقع ٿيو جيڪو سڄي دنيا لاءِ ڪنهن صدمي کان گھٽ نه هئو.36 سالن جي ڄمار ۾ هوءَ فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، پهرين ته ماڻهو ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا پر نيٺ ڪرڻو پيو.اڄ به هزارين جي تعداد ۾ ماڻهو سندس ورسي تي گل کڻي هن جي تربت تي رکي ويندا آهن.حسن جي راڻي ليڊي ڊيانا پرستارن کان ڪڏهن به نه وسرندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ ڪنهن به حڪومت مخالف تحريڪ جو حصو نه بڻجندي: قمر زمان ڪائرا

لوئر دير (ويب ڊيسڪ) پ پ پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے