23 آچر , سيپٽمبر 2018

ٽنڊي محمد خان ۾ دل جي بيمارين کان بچاءَ لاءِ اسپتال کي ترت هلائڻ جو اعلان

پ پ ايم اين اي سيد نويد قمر چيو آهي ته موجوده حڪومت دل جي بيماري يا ان ڏس ۾ ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ معياري علاج ۽ رليف لاءِ نتيجه خيز ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ هڪ جامع منصوبي تي عمل درآمد جاري آهي ،جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان سنڌ جي سڀني علائقي ۾ دل جي دوري پوڻ جي صورت ۾ 90 منٽن اندر متاثر ٿيندڙ کي معياري علاج ۽ رليف ملي سگھندو ، اهڙن خيالن جو اطهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊيزيز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نديم قمر ، ڊاڪٽر نديم رضوي سان گڏ سنڌ ۾ دل جي بيمارين جي علاج لاءِ نئين تعمير ٿيندڙ شهيد بينظير ڀٽو ڪارڊيو اسپتال جي فنڪشنل ٿيڻ جي حوالي سان منقعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو ، هن چيو ته ان منصوبي تحت اين آءِ سي وي ڊي جي اداري سان هڪ ياداشت نامي تي صحيون ڪيون ويون آهن جنهن تحت سنڌ ۾ اهڙيون دل جون اسپتالون ٺاهيون وينديون جيڪي دل جي بيمارين جو ترت علاج جي موثر نظام تحت هلنديون ۽ اين آءِ سي وي ڊي جو ادارو انهن جي نگراني ڪندو ۽ انهن جي معيار کي يقيني بڻائيندو ، هن چيو ته ٽنڊو محمد خان ۾ شهيد بينظير ڀٽو ڪارڊيڪ ڪيئر اسپتال تڪميل جي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ هن سال ئي پنهنجي خدمتن جي شروعات ڪندي ، هن چيو ته لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن لاءِ پڻ اهڙيون اسپتالون قائم ڪيون ويون پيون وڃن هن چيو ته هنن مرڪزن ۾ علاج مهانگو نه هوندو آهي ۽ ماڻهو جي حيثيت آهر علاج جو خرچ ورتو ويندو ،۽ جيڪو علاج جو خرچ نه ڏئي سگھندو ان جو مفت علاج ڪيو ويندو ، ان موقعي تي اين آءِ سي وي ڊي جي سربراهه ڊاڪٽر نديم قمر چيو ته اسان جي اداري ۾ دنيا جي ڪنهن به معياري اسپتال جهڙو علاج ۽ سار سنڀال ٿئي ٿي ۽ سنڌ جي سڀني علائقن ۾ قائم ٿيندڙ اسپتالن ۾ پڻ اهڙي معيار کي يقيني بڻايو ويندو ، هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته دل جي بيماري ۾ غريب ماڻهو کي به اهڙو ئي معياري علاج ملي جهڙو آسودن ماڻهن کي ملي ٿو ، هن چيو ته سنڌ جي اندرين علائقن جي اسپتالن جي شروعات ۾ اين آءِ سي وي ڊي مان ماهر ڊاڪٽر ۽ عملو موڪليو ويندو ۽ وقت سان گڏ مقامي عملي جي تربيت ڪري انهن کي پڻ رکيو ويندو ، ان موقعي تي ڊاڪٽر نديم رضوي ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ دل جون بيماريون ننڊي عمر ۾ ٿين ٿيون ان ڪري اسان جي ڪوشش اها آهي ته دل جي دوري جي صورت ۾ فوري طور مريض کي اهڙو علاج فراهم ڪجي جيڪو مستقل هجي، اسان دنيا جي بهترين اسپتالن جهڙا مرڪز ٺاهينداسين ، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان آغا عبدالرحيم ٻڌايو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪارڊيڪ ڪيئر اسپتال ٽنڊو محمد خان جي عمارت 25 ڪروڙ جي لاڳت سان مڪمل ٿيندي ، هن چيو ته اسپتال جي هڪ منزل تي ڊاڪٽرن جي رهائش هوندي ته جيئن ماهر ڊاڪٽرن کي رهائش فراهم ڪري سگھجي ، ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد نويد قمر ، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر اعجاز شاهه ۽ اين آءِ سي وي ڊي جي سربراهه سيد نديم قمر ، ڊاڪٽر نديم رضوي زير تعمير شهيد محترمه بينظير ڀٽو دل جي اسپتال جو دورو ڪيو ۽ ان جي رٿيل شعبن ايمرجنسي سينٽر ،ايڪو ، سي ٽي اسڪين ، آپريشن ٿيٽر ، مائينر آپريشن ٿيٽر ، انتظامي آفيسن ۽ ٻين شعبن جو دورو ڪيو، کين نقشن جي مدد سان پڻ اسپتال بابت بريفنگ ڏني ويئي .

رپورٽ: حيدر شورو
آواز: شاهد ميراڻي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | سکر : جتوئي برادري جي ماڻهن پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

سکر  ۾  قتل جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جتوئي برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے