25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان  چونڊن لاءِ ووٽ جي رازداري بابت هدايتون جاري

From enforced those lost votes for the delay, protestsاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار محمد رضا صدارتي چونڊن لاءِ ووٽ جي رازداري برقرار رکڻ بابت اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته پولنگ اسٽيشن ۾ موبائيل فون کڻي وڃڻ تي سخت پابندي آهي ۽ بيلٽ پيپر ڏيکارڻ به ڏوهه آهي جنهن جي ڀڃڪڙي تي قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. سردار محمد رضا طرفان جاري ڪيل هدايتن موجب ڪيمرا يا ڪا تصوير ڪڍڻ واري ڊيوائس پولنگ اسٽيشن اندر آڻڻ منع آهي جڏهن ته هن ميمبرن کي هدايت ڪئي ته ووٽ وجهڻ وقت رازداري هر صورت ۾ برقرار رکي وڃي. موجوده صدر ممنون حسين جو مدو پورو ٿيڻ بعد ايندڙ صدر جي چونڊ 4 سيپٽمبر تي ٿيندي. صدارتي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر عارف علوي، پ پ جي چوڌري اعتزاز احسن ۽ مخالف ڌر جي پارٽين جي اميدوار فضل الرحمان ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے