25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ٽرمپ انتظاميا عمران خان کي ڀارت سان تعلقات بهتر بڻائڻ لاءِ موقعو ڏيڻ چاهي ٿي

Tramp Management Imran Khan wants to take a chance to improve relations with Indiaواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي بچاءَ واري اداري پينٽاگون جي هڪ آفيسر چيو آهي تھ ٽرمپ انتظاميھ پاڪستان جي نئين وزير اعظم عمران خان هڪ موقعو ڏيڻ چاهي ٿي تھ هو ڀارت سان پنهناج تعلقات بهتر بڻائي سگهي.آمريڪا جي بچاءَ واري  اسسٽنٽ سيڪريٽري رينڊل شرائيور چيو آهي تھ پاڪستان جون گهڻيون حڪومتون ڀارت سان پنهنجا تعلقات بهتر بڻائڻ چاهينديون آهن پرحڪومتن کي جلد ئي حقيقتن ۽ مشڪلاتن جو اندازو ٿي ويندو آهي.هن چيو تھ پاڪستان بابت آمريڪا جي پاليسي ۾ ڪابھ تبديلي  نھ ايندي.آفيسر وڌيڪ چيو تھ پاڪستان جي مالي امداد ۾ ڪٽوتي جو آمريڪي رويو برقرار رهندو.واضح رهي تھ آمريڪا جي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف جنرل جوزف ڊنفورڊ ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندا ۽ نئين قيادت سان ملاقات ڪندا.آمريڪي جي بچاءَ واري وزير جيمز ميٽس تصديق ڪئي آهي تھ پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف جنرل جوزف ڊنفورڊ ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندا.آمريڪا جي بچاءَ واري وزير چيو آهي  تھ پرڏيهي وزير ۽ جنرل جوزف وزير اعظم عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ۾ آمريڪي عهديدار صاف ۽ واضح  طور تي طئي ڪندا تھ کين ڇا ڪرڻو

آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان ڀارت سان پاڻي تڪرار حل ڪرائڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ کي ٻيهر درخواست

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ورلڊ بئنڪ کان هڪ دفعو ٻيهر پاڪ ڀارت پاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے