22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڊي پي او پاڪپتن بدلي ڪيس: خاور مانيڪا ۽ ٻيا سومر تي طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار ڊي پي او پاڪپتن رضوان گوندل جي بدلي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي خاتون اول بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا کي فوري طور طلب ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ڊي پي او رضوان گوندل جي تبديلي بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آءِ جي پنجاب کان پڇاڻو ڪيو ته هي ڪهڙو معاملو آهي، پنجن ڏينهن کان قوم ان جي پويان آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ ڳالهه بار بار چئي چڪو آهيان ته پوليس کي آزاد ۽ خودمختيار هئڻ گهرجي، اسان پوليس کي سياسي  دٻاءَ مان ڪڍڻ چاهيون ٿا پر پوليس سياسي دٻاءَ مان نڪرڻ جي ڪوشش کي خراب ڪري رهي آهي، توهان آزاد ادارو نه ٿا بڻائڻ چاهيو، ڪنهن لاءِ رضوان گوندل جي بدلي ٿي آهي، جيڏهن توهان وزيراعليٰ جي حڪم تي رضوان گوندل جي بدلي ڪئي آهي ته اها غير قانوني بدلي آهي، بدلي جو حڪم رات جو هڪ وڳي جاري ڪيو ويو، رات جو هڪ وڳي بدلي جو حڪم جاري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پئجي وئي، ڇا ان رات صبح نه ٿيڻو هو. آءِ جي پنجاب چيو ته مان ڪڏهن به سياستدانن جي چوڻ تي ڪم نه ڪندو آهيان، 31 سالن کان پوليس ۾ ايمانداري سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، مان پهريون به 4 ڀيرا فورس کي ڪمانڊ ڪيو آهي. هن چيو ته مان ڪنهن قسم جي سياسي دٻاءُ ۾ نه هيس، مون کي ڊي پي او جي بدلي لاءِ نه چيو ويو، ڊي پي او رضوان گوندل جي بدلي انتظامي حڪم هو، هڪ عورت سان بدتميزي ڪئي وئي، ڊي پي او مون کان پڇڻ کانسواءِ وزيراعليٰ وٽ ويو. چيف جسٽس آءِ جي پنجاب کي ڇنڊ پٽيندي رمارڪس ڏنا ته عدالت کي هدايتون نه ڏيو، توهان طرفان بد نيتي جو مظاهرو ڪيو ويو، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي گهرائي توهان بدليون ڪرايو ٿا، غلط بيان کان ڪم وٺندا ته آءِ جي پنجاب طور واپس نه ويندا. چيف جسٽس جي پڇاڻي ته رضوان گوندل عدالت کي ٻڌايو ته احسن جميل گجر کان ڊي پي او طور اوطاق تي وڃڻ کان انڪار ڪيو، خاور مانيڪا جي اوطاق تان ڪال آئي ته مون کي چيو ويو ته توهان کي پيغام موڪليو ويو پر توهان عمل نه ڪيو، جن ماڻهن عورت روڪيو تن کي کنيو ويندو، وزيراعليٰ جي پي ايس حيدر 24 آگسٽ تي مون کي ۽ آر پي او کي گهرايو، وزيراعليٰ رات 10 وڳي گهرايو هو، وزيراعليٰ آفيس وياسين ته چار پنج منٽ وڏو وزير پاڻ آيو ۽ مان کيس تفصيلن کان آگاهه ڪيو. رضوان گوندل جي بيان تي جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته ان جو مطلب آهي ته بدلي جو حڪم وڏي وزير جاري ڪيو آهي، وڏو وزير ڪهڙي قانون تحت بدلي جو چئي سگهي ٿو، جنهن تي رضوان گوندل چيو ته پي ايس او موجب بدلي جو حڪم وڏي وزير جاري ڪيو.آر پي او ساهيوال ٻڌايو ته خاور مانيڪا کي ناڪي تي روڪيو پر هو نه بيٺو، خاور مانيڪا پوليس وارن کي گارگند ڪئي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪڙيون ملي رهيون آهن ته وڏي وزير جي چوڻ تي بدلي ڪئي وئي، چيف جسٽس پنجاب جي وڏي وزير ته 62 ون ايف لڳائڻ جو اشارو ڏيندي رمارڪس ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف ڪنهن ڪنهن تي لاڳو ٿي سگهي ٿو، مخدوم صاحب کان معاونت حاصل ڪنداسين ته 62 ون ايف وڏي  وزير تي لاڳو ٿئي ٿو يا نه، ممڪن آهي ته ڪنهن ٻي وڏي وزير جي ڪم اچي سگهي. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته خاور مانيڪا ۽ جميل گجر ڪٿي آهن. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪندي خاور مانيڪا ۽ احسن جميل گجر، وڏي وزير جي پي ايس او حيدر سميت ٻين عملدارن کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے