26 اربع , سيپٽمبر 2018

سعودي عرب جي سينما گهرن ۾ بالي ووڊ جي پهرين فلم”گولڊ“  ريليز ڪئي ويندي

In Saudi Arabia's cinema houses, Bollywood's first movie "Gold" will be releasedرياض(ويب ڊيسڪ) سعودي سينما گهرن پهريون ڀيرو باليووڊ فلم”گولڊ“ جي نمائش ٿيندي جنهن ۾ اداڪار اڪشي ڪمار مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. سعودي عرب ۾ هلندڙ سال اپريل ۾ سينما گهرن جو افتتاح ڪيو ويو هو جنهن ۾ سڀ کان پهريان هاليووڊ فلم ”بليڪ پينٿر “ جي نمائش ڪئي وئي. اڄ کان سعودي عرب جي سينما گهرن ۾ باليووڊ فلمن جي نمائش جي پڻ شروعات ڪئي ويندي جنهن ۾ سڀ کان پهريان ادڪار اڪشي ڪمار جي فلم” فولڊ“ پيش ڪئي ويندي. اڪشي ڪمار ان حوالي سان خوشي جو اظهار ڪندي ٽوئيٽر تي مداحن کي آگاهه ڪيو ته ڀارت جي پهرين گولڊ ميڊل کٽڻ جي ڪهاڻي پهريون ڀيرو سعودي عرب جي رياست ۾ ۽ اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، ”گولڊ“ باليووڊ جي پهرين فلم آهي جيڪا سعودي عرب ۾ ريليز ڪئي ويندي. فلم ”گولڊ“ جي ڪهاڻي ڀارتي هاڪي ٽيم جي 1948 جي اولمپڪس پهريون ڀيرو گولڊ ميڊل کٽڻ تي ٻڌل آهي، اها فلم ٻه هفتا اڳ ڀارت سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ريليز ڪئي وئي هئي. فلم ”گولڊ“ نمائش جي ٻن هفتن دورن 25 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪيو ۽ هاڻ فلم جي ڪمائي 126 ڪروڙ رپين تائين وڃي پهتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے