23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي

The weather became pleasant after rain fell in different areas of Karachiڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي. اڄ باک ڦٽي کان ئي ڪراچي جي علائقن، شير شاهه، لسٻيلا، گلشن ۽ گلستان جوهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن بعد موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. صدر جي ايم جناح روڊ، آءِ آءِ چندريگر روڊ، لياقت آباد، ايف بي ايريا، اي سي ايڇ ايس، يونيورسٽي روڊ، جيل روڊ، جهانگير روڊ، ناظم آباد، قائد آباد، شاهه فيصل ڪالوني ۽ لانڌي جي علائقن ۾ پڻ هلڪي برسات پئي. هلڪي برسات سبب روڊ ترڪڻ جي نتيجي ۾  موٽرسائيڪل سوارن جي ڪرڻ جا واقعا پڻ پيش آيا، شهر جي مصروف ترين روڊ  فيصل  وٽ پڻ موٽر سائيڪل جي سلپ ٿيڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا. موسميات واري کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ بوندا باندي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات واري کاتي موجب اڄ اسلام آباد سميت راولپنڊي، گوجرانوالا، مالاڪنڊ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڪجهه هنڌن تي برسات پوڻ  جا امڪان آهن . ٻئي پاسي ڪي الڪيٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سموري شهر ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو عملو 24 ڪلاڪ موجود آهي پر شهري برسات جي موسم ۾ بچاءُ واريون تدبيرن تي ضرور عمل ڪن.

*شهري ٽٽل تارن، بجلي جي ٿنبن ۽ پي ايم ٽيز کان پاسو ڪن.

*شهري بجلي وارن اوزارن جو استعمال آلن هٿن سان نه ڪن.

* غيرقانوني ذريعي سان بجلي حاصل ڪرڻ کان پاسو ڪيو.

*ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ 118 تي فوري رابطو ڪيو.

* روڊ آلا هئڻ سبب موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جا واقعا پڻ پيش اچي رهيا آهن انڪري شهري تيزرفتاري کان پاسو ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے