21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ پنجاب ڪوآپريٽو بئنڪ جي آڊٽ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

kumb: Including 7 malware of the same family in a dreadful illnessاسلام آباد بيورو) سپريم ڪورٽ پنجاب ڪو آپريٽو بئنڪ جي آڊٽ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ رجسٽرار پنجاب ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ ۾ باهه بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سيڪريٽري ۽ رجسٽرار ڪوآپريٽو پنجاب عدالت ۾ پيش ٿيا. جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏنا ته لاهور رجسٽرار آفيس ۾ باهه لڳي وئي ۽ رڪارڊ سڙي ويو، چڪر ڇا آهي؟ ڇا ڪا جاچ ٿي آهي؟ ڇا آشيانا هائوسنگ ۽ پيراگون سوسائٽين جو به رڪارڊ سڙيو آهي؟ سيڪريٽري ڪوآپريٽو پنجاب ٻڌايو ته آشيانا ۽ پيراگون هائوسنگ سوسائٽي اسان جي دائري ۾ نٿا اچن، پنجاب پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ جي به آڊٽ ناهي ٿي. 20 جون تي مقرري کانپوءِ سوسائٽين جي آڊٽ جو حڪم ڏنو ۽ جڏهن رجسٽرار ڪوآپريٽو آڊٽ شروع ڪئي ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ئي باهه لڳي وئي، باهه پاڻ ناهي لڳي پر لڳائي وئي آهي، هائوسنگ سوسائٽين اندر ڪيترين ئي غير قانوني شين جو جائزو ورتو، ڪوآپريٽو ڊپارٽمينٽ ۾ بدليون ڪيون ته ايڊيشنل چيف سيڪريٽري روڪرائي ڇڏيون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اربين رپين وارن سفارشون ڪري بدليون روڪرايون هونديون، بدليون روڪرائڻ وارو عمل نيڪ نيتي تي ٻڌل نٿو لڳي، چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته اورنج لائين منصوبي تي غير معياري ڪم ٿيو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ميگا پراجيڪٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته اورنج لان تي غير معياري ڪم ٿيو ۽ منصوبو وقت تي مڪمل ناهي ٿيو، پروجيڪٽ بابت عدالت جي جوڙيل ڪميٽي سان به سهڪار ناهي ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ته دير جا ڪهڙا سبب آهن ۽ پهرين ٽرين ڪڏهن هلندي؟ پروجيڪٽ جي سربراهه سبطين علي عدالت جي روبرو پيش ٿي ٻڌايو ته ڪم مڪمل ٿيڻ بعد پهرين ٽرين ايندڙ سال 30 جولاءِ تي هلندي، منصوبو 27 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو هو، پر 22 تائين ڪم بند رهيو، پيڪج ون ۽ ٽو جو سول ورڪ 30 آڪٽوبر تائين مڪمل ٿي ويندو، پيڪج 4 تي ڪم 15 نومبر تي مڪمل ٿيندو، منصوبي جي لاءِ واڌو 9 ارب رپيا گهربل آهن، ڪم مڪمل ٿيڻ ۾ وڌيڪ 11 مهينا لڳندا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مون کي نٿو لڳي ته 11 مهينن ۾ به منصوبو مڪمل ٿيندو، شايد اورنج لائين جي رستي ۾ رنڊڪون عدالت کي ختم ڪرڻيون پونديون،  ڪوشش ڪنداسين ته منصوبو 30 جولاءِ کان پهرين شروع ڪرايون، سموريون لاڳاپيل اختياريون گڏ ويهي مسئلو حل ناهن ڪنديون، ٻن ڪلاڪن ۾ مسئلو حل ڪيو نه ته وڏو وزير پاڻ اچي، ناڻي واري وزير اسد عمر کي به گهرائينداسين.  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته پنجائيت يا جرڳا ننڍا ديواني معاملا ڏسي سگهن ٿا پر کين موت جي سزا ۽ سڱ چٽي وجهڻ جو ڪو به اختيار ناهي. سپريم ڪورٽ ۾ جرڳي، سڱ چٽي سميت مختلف رسمن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٿي. ان موقعي تي چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته جرڳا سسٽم بنيادي طور انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ايڊووڪيت جنرل ٻڌائي ته ڇا صوبن ان تي قانونسازي ڪئي آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته  سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ ئي جرڳا سسٽم غير قانوني قرار ڏئي چڪي آهي.029

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے