25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: بخشاپور: اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف سياسي ، سماجي ڌرين ۽ شهرين جي  شٽربند هڙتال

Bakhsapur: Protest against deprivation of basic needs* بخشاپور جي اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف سياسي ، سماجي ڌرين ۽ شهرين شٽربند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو.

شهرين ۽ سياسي سماجي ڌرين مکي نريش ڪمار، محمد شريف ڊومڪي، وجي ڪمار ، مھنڌر لال  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته  شهر جي سرڪاري اسپتال بنيادي سهولتن کان محروم آهن جنهن ڪري هي اسپتال علائقي واسين لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي.

 هنن چيو ته بخشاپو 30 ھزار کان وڌيڪ  آبادي رکندڙ شھر آهي  بخشاپور جي رورل ھيلٿ سينٽر کي سرڪار ھڪ نجي اين جي او حوالي ڪيو ويو پر  ان باوجود اسپتال ۾ ڪو به سڌارونه آيو.

 هنن چيو ته اسپتال سمورين بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي جنهن ڪري شهرين کي ٻين شهرن جا چڪر ڪاٽڻا پون ٿا.

شھرين صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته بخشاپور جي اسپتال کي سموريون بنيادي سھولتون فراهم ڪيون وڃن ………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghauspur: Protest by heirs against police alleged act

نيوز: غوثپور: ميھڙ ۾مبينا پوليس مقابلي ۾مارجي ويل استاد جي وارثن جو احتجاج

* ميھڙ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل استاد عبد الفتاح جي  وارثن غوثپور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے