19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڇاڇرو: بااثرن جي  ظلمن کان تنگ ٿي ڀيل برادري جا اٺ ڪٽنب پنهنجا اباڻا اجها خالي ڪري ويا

Chachro: Poor people left houses for the forceful orders of influential*ڇاڇري  ويجهو بااثرن جي ظلمن ۽ ناانصافين کان تنگ ٿي ڀيل برادري جا اٺ ڪٽنب پنهنجا اباڻا اجها خالي ڪري ويا .

  ڳوٺ ڪانٽيو ۾ ٽي ڏينهن اڳ مينگهواڙ برادري ۽ دل برادري وچ ۾ ٻني جي ڀيل واري معاملي تان جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ ميگهواڙ برادري جا ماڻهو زخمي پڻ ٿيا هئا .

بيڏو مينگهواڙ ، ارجڻ ،مولچند، دسرت، جهامن، موهن، چترو ڀمرو مينگهواڙ پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي چيلهار لڏي ويا.

هفتو گذرڻ باوجود اڃا تائين حملو ڪندڙ دل برادري جي ماڻهن تي پوليس ڪابه ايف آئي آر داخل ڪئي آهي.

مينگهواڙ برادري جي ماڻهن پوليس اهلڪار انيل ميگھواڙ، نارائڻ مينگهواڙن گورڌن مينگهواڙ، سنڀو مينگهواڙ جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن ڇاڇرو پوليس ۽ دل برادري جي ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو .

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته پوليس دل برادري جي ونگاري بڻيل آهي .

 هنن ٻڌايو ته هفتو اڳ  دل برادري جي بااثرن امتياز دل، اشرف دل، احمد دل ۽ ٻين  ٻني ۾ مال ڇڏي فصل جي  ڀيل ڪرائي منع ڪرڻ تي سندن ماڻهن کي زخمي ڪيو .

هنن چيو ته ساڳين بااثر دل برادري جي اوباش ڇوڪرو لياقت رات جو بيڏو مينگهواڙ جي گهر ۾ گهڙي عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي جنهن سبب اهي مسڪين انهن جي ظلمن کان تنگ تي ڳوٺ ڇڏي چيلهار لڏي ويا آهن.

هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي  چيف جسٽس ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته  کين تحفظ ڏيئي  کين انصاف ڪيو وڃي…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے