25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو آدم: روڊ حادثي ۾ 2 فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي

Tando Adam: Two died in a road accident and 2 injured in a road accidentٽنڊي آدم ڀرسان ڪار ۽ ويگو  جي حادثي ۾ 2 فوت ۽ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

ٻيراڻي ٿاڻي ڀرسان ڪاڄ تان موٽندڙ ڄاڃين جي ڪار ۽  ويگو گاڏي ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ڪار سوار ذوهيب هاجاڻو ۽ شاگرد غلام علي کوسو فوت ٿي ويا ۽ ذوالفقار کوسو ۽ مريد کوسو سخت زخمي ٿي پيا.

واقعي جي اطلاع تي ٻيراڻي پوليس ۽ شهري حادثي واري هنڌ پهچي فوتين  ۽ زخمين  کي تعلقي اسپتال ٽنڊي آدم پهچايو، جتي ضروري ڪاروائي بعد وارث فوتين جا مڙهه نصرپور کڻائي ويا.

حادثي جي زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد ريفر ڪيو ويو.

هوڏانهن پوليس ڪار ۽ ويگو گاڏي کي تحويل ۾ ورتو، جڏهن ته ويگو گاڏي جو ڊرائيور حادثي بعد ئي فرار ٿي ويو.

 آخري اطلاعن تائين حادثي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے