22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ايشيا ڪپ: ٽريننگ ڪئمپ لاءِ 18 رانديگرن جي نالن جو اعلان

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي سليڪشن ڪميٽي ايندڙ مهيني ٿيندڙ ايشيا ڪپ لاءِ لڳائي ويندڙ ٽريننگ ڪئمپ لاءِ 18 رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ اظهر علي امڪاني رانديگرن جي فهرست ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. انضمام الحق جي سربراهي ۾ سليڪشن ڪميشن هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ۽ ڪپتان سرفراز احمد سان صلاح مشوري کانپوءِ ايونٽ لاءِ لڳائي ويندڙ ڪئمپ لاءِ 18 رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪيو. تربيتي ڪئمپ 3 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي، جيڪا لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ 10 سيپٽمبر تائين جاري رهندي. اڳوڻو ڪپتان اظهر علي ايشيا ڪپ لاءِ امڪاني رانديگرن جي فهرست ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، جڏهن ته حيران ڪندڙ اها آهي جو شان مسعود کي فهرست جو حصو بڻايو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ ڪيتري ئي عرصي کان انجريءَ جو شڪار عماد وسيم به فهرست ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. ايشيا ڪپ لاءِ لڳائي ويندڙ ٽريننگ ڪئمپ لاءِ اعلانيل رانديگرن جي فهرست ۾ ڪپتان سرفراز احمد، شان مسعود، امام الحق، فخر زمان، محمد حفيظ، شعيب ملڪ، حارث سهيل، آصف علي، بابر اعظم، شاداب خان، محمد نواز، عماد وسيم، حسن علي، عثمان خان شنواري، محمد عامر، جنيد خان، شاهين شاهه آفريدي ۽ فهيم اشرف شامل آهن. ايشيا ڪپ جي شروعات 15 سيپٽمبر کان گڏيل عرب امارتن ۾ ٿيندي، ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو 19 سيپٽمبر تي ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے