20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪراچي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻارڙي جا ٻئي هٿ ضايع، گورنر نوٽيس ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ بجلي جي تار ڪرڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 8 ورهين جي ٻارڙي جا ٻئي هٿ ضايع ٿي ويا. شهر جي علائقي احسن آباد ۾ پيش آيل واقعي ۾ 8 ورهين جي عمر جون ٻئي ٻانهون سڙي پيون، جنهن کي اسپتال پهچايو ويو. برن سينٽر انچارج ڊاڪٽر احمر موجب ٻارڙي جا ٻئي هٿ خراب طريقي سان سڙيل هئا. هوڏانهن گورنر عمران اسماعيل ٻار تي تار ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪي اليڪٽرڪ اختارين کان وضاحت گهري ورتي آهي. گورنر هائوس تي ترجمان موجب ڪراچي جي ڪمشنر کان به واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، ٻارڙي عمر کي علاج جي حوالي سان هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ڪي اليڪٽرڪ ترجمان متاثر خاندان سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته واقعي تي ڏاڍو افسوس ٿيو، ٻارڙي جي وارثن جي مدد ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻارڙي عمر جي والدين ڪي اليڪٽرڪ خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے