20 خميس , سيپٽمبر 2018

ريلوي جي زمين ملڪ جو قرض لاهي سگهي ٿي: شيخ رشيد

Today, the anti-party is the last day, then the PML-N and PML-N, Shaikh Rashidڪراچي(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ريلوي جي زمين ملڪ جو قرضو لاهي سگهي ٿي عمران خان کي ان کي وڪڻڻ گهرجي. سٽي اسٽيشن ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ريلوي 20 ڪروڙ عوام جي سواري آهي، قوم چار کان پنج مهينن جي مهلت ڏئي ريلوي جو سسٽم ٺيڪ ڪندس، ان جي ترقي لاءِ نوان پروگرام  طئي ڪري رهيو آهيان، خاص ماڻهن جي لاءِ ريلوي جي ڀاڙن ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي، 65 سالن جي مسافر کي 50 سيڪڙو رعايت جڏهن ته 75 سالن کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو مفت ۾ سفر ڪري سگهندا. شيخ رشيد چيو ته آن لائن بڪنگ ۽ ٽريڊ جي بهتري لاءِ موبائيل ايپليڪيشن 7 ڏينهن ۾ بڻجي ويندي، ايپلي ڪيشن پي ٽي آءِ جا ماڻهو مفت ۾ بڻائي ڏئي رهيا آهن، ڪوشش آهي ته ريلوي ۾ ملازمن کي پورو ڌيان ڏيان، ملازمن کي به خوشحال ڪيون ۽ ريلوي کي به خساري مان ڪڍون، ريلوي پوليس جي پگهار وڌائڻ سان گڏوگڏ اِهو به ڏسون ته ان جي ضرورت آهي يا نه، ريلوي ۾ بنا ميرٽ ۽ ٽينڊر جي ڪا به شئي نه ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے