21 جمعو , سيپٽمبر 2018

اورنج لائين منصوبي تي غير معياري ڪم ٿيو: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته اورنج لائين منصوبي تي غير معياري ڪم ٿيو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ميگا پراجيڪٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته اورنج لان تي غير معياري ڪم ٿيو ۽ منصوبو وقت تي مڪمل ناهي ٿيو، پروجيڪٽ بابت عدالت جي جوڙيل ڪميٽي سان به سهڪار ناهي ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ته دير جا ڪهڙا سبب آهن ۽ پهرين ٽرين ڪڏهن هلندي؟ پروجيڪٽ جي سربراهه سبطين علي عدالت جي روبرو پيش ٿي ٻڌايو ته ڪم مڪمل ٿيڻ بعد پهرين ٽرين ايندڙ سال 30 جولاءِ تي هلندي، منصوبو 27 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو هو، پر 22 تائين ڪم بند رهيو، پيڪج ون ۽ ٽو جو سول ورڪ 30 آڪٽوبر تائين مڪمل ٿي ويندو، پيڪج 4 تي ڪم 15 نومبر تي مڪمل ٿيندو، منصوبي جي لاءِ واڌو 9 ارب رپيا گهربل آهن، ڪم مڪمل ٿيڻ ۾ وڌيڪ 11 مهينا لڳندا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مون کي نٿو لڳي ته 11 مهينن ۾ به منصوبو مڪمل ٿيندو، شايد اورنج لائين جي رستي ۾ رنڊڪون عدالت کي ختم ڪرڻيون پونديون،  ڪوشش ڪنداسين ته منصوبو 30 جولاءِ کان پهرين شروع ڪرايون، سموريون لاڳاپيل اختياريون گڏ ويهي مسئلو حل ناهن ڪنديون، ٻن ڪلاڪن ۾ مسئلو حل ڪيو نه ته وڏو وزير پاڻ اچي، ناڻي واري وزير اسد عمر کي به گهرائينداسين.  چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ميٽرو اٿارٽي جو سربراهه ڪير آهي؟ سبطين علي ٻڌايو ته پنجاب جو وڏو وزير ميٽرو اٿارٽي جو سربراهه آهي. ان تي چيف جسٽس پنجاب جي وڏي وزير کي اڄ شام طلب ڪندي چيو ته وڏي وزير کي چيو ته جهاز تي اچي. اورنج لائين منصوبي جي انچارج سبطين علي عدالت کي چيو ته وڏي وزير کي نه گهرايو اسان فيصلو ڪنداسين. پنجاب جي چيف سيڪريٽري به چيو ته نئين وڏي وزير کي چار ڏينهن ٿيا آهن هن کي ڪجهه به خبر ناهي. ان تي چيف جسٽس وڏي وزير جي طلبي جو فيصلو تبديل ڪندي چيو ته هر کاتو پنهنجو ڪم ٻئي تي مڙهي رهيو آهي، بعد ۾ عدالت اورنج لائين منصوبي جي ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے