26 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪَن جو سُور ختم ڪرڻ جا آسان طريقا

ڪَنن ۾ سور جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته اهو تمام گهڻي تڪليف ڏيندو آهي. ڪَنن ۾ سور جي ڪجهه عام سببن ۾ ڏندن ۾ ڪيويٽي، ڪَنن ۾ جمع ٿيندڙ ڪچرو ۽ ٽانسلز شامل آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن جا ڪَن سُڄي ويندا آهن، جن کي ايئر انفيڪشن چئبو آهي. وڏن جي ڀيٽ ۾ ٻارن کي ايئر انفڪيشن وڌيڪ هوندو آهي، ان انفيڪشن سان سُور ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت گهٽجي سگهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ ڊاڪٽر اينٽي بايوٽڪس جو استعمال ضروري قرار ڏيندا آهن پر سٺي ڳالهه آهي ته ان تڪليف مان ڇوٽڪاري جون شيون توهان جي ڪِچن ۾ به موجود آهن.

ٿوم:

ٿوم ۾ سرنهن جو تيل ملائي گرم ڪيو، جڏهن ٿوم ڪاري ٿي وڃي ته ان تيل کي ٿَڌو ڪيو، پوءِ ان جا ڪجهه ڦُڙا سُور واري جاءِ تي لڳايو.

سرنهن جو تيل:

سرنهن جي تيل جا ٻه ٽي ڦُڙا ڪَنَ ۾ وجهو ۽ 10 کان 15 منٽن لاءِ ڇڏي ڏيو، ڪَن ۾ موجود ويڪس پاڻ ئي ختم ٿي ويندو.

لوڻ:

لوڻ کي گرم پاڻي ۾ وجهي ڪپهه تي لڳايو ۽ ڪجهه دير تائين ان ڪپهه کي ڪَن تي رکو، توهان جو سُور ختم ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شراب پيئڻ سبب هر سال 30 لک ماڻهو مرڻ جو انڪشاف

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ هر سال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے