23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: کپرو: نارا ڪينال ۾ ٻيڙي اونڌي، ٻڏي ويل نينگري جي ڳولها جاري

Khipro: The boats in Nara Canal continue, the double value tag continuesکپري ڀرسان نارا ڪينال ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 7 ڄڻا ٻڏي ويا.

لوڻ اسٽاپ وٽ نارا ڪينال ۾  ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان ڇهن ڄڻن کي بچايو ويو، جڏهن ته 10 ورهين جي نينگري رخسانه  شيخ جي ڳولا جاري آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته نارا ڪينال پتڻ وٽ ڳوٺ پنهون سميجو مان لوڻ کاڻ ايندڙ گهر ڀاتين جي ٻيڙي وزن ۽ سوراخ ٿيڻ سبب اونڌي ٿي وئي جنهن سبب ٻيڙي اونڌي ٿي وئي.

ٻيڙي ۾ سوار ٻن عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻن کي درگاه ۽ پتڻ تي بيٺل ماڻهن بچائي ورتو،  جڏهن ته  10 سالن جي نينگري رخسانه ڳولا جاري آهي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

شام ستين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-23

وزيراعظم پاران ترت نئين مڪاني نظام کي آخري شڪل ڏيڻ جي هدايت پاڪ-ڀارت مسئلن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے