19 اربع , سيپٽمبر 2018

امريڪا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو واحد عورت صدارتي اميدوار

امريڪا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هليري ڪلنٽن اها واحد عورت هوندي، جنهن کي ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان صدارتي اميدوار طور چونڊيو ويندو.اٺ سال اڳ آمريڪي اليڪشن ۾ هليري ڪلنٽن پاران اليڪشن ۾ حصو ورتو هو پر هوءِ صدر اوباما کان هارائي وئي.ان وقت هليري اهو چيو هو ته اليڪشن ۾ مردن جي کٽڻ واري روايت کي هوءِ ٽوڙي ڏيکاريندي. هڪ ڏينهن اڳ ۾ پورٽ ريڪو ۾ اعلي اختيارين جي جي حمايت کان پوءِ نيويارڪ مان چونڊيل سينيٽر هيلري ڪلنٽن کي گهربل 2383 ووٽ ملڻ کان پوءِ هيلري کي ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان صدارتي اميدوار طور منتخب ڪيو ويو آهي.اعلي اختيارن جو چوڻ آهي ته هو الڪيشن ۾ هيلري کي ووٽ ڪندا. الباما ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار ننسي ورلي جي حمايت کان پوءِ هيلري کي صدارتي اميداوار طور بيهڻ جو موقعو مليو آهي.هيلري جي مخالف اميداور برني سينڊر جو چوڻ آهي ته هيلري جي حمايت ڪندڙ سپر ڊيليگيڊس کي شڪست نصيب ٿيندي.جڏهن ته هيلري 30 لکن جي ووٽ هجڻ سان گڏوگڏ 523 سپر ڊيليگيٽس جي به حمايت حاصل آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Buhara

نيوز |  ٻهارا ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن جي پرائمري اسڪولن جون عمارتون زبون حال، ٻارڙا کلي آسمان هيٺ پڙهڻ تي مجبور

ٻهارا  ۾ ڪيترن ئي اسڪولن جي پراڻين عمارتن سبب ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے