25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: نوابشاهه : شهيد ڀٽو پاران پئٽرول پمپ مئنيجر جي اصل قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

Nawabshah: Protest to arrest Patraul Pump Manager's original Katlan*نوابشاهه ۾ شهيد ڀٽو پاران پئٽرول پمپ مئنيجر جي اصل قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو  خميسو خان وسطڙو، ڪامريڊ انور عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پيٽرول پمپ جي مينيجر جا اصل قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو جي ذاتي پيٽرول پمپ تي غنڊن حملو ڪري مئنيجر کي قتل ڪيو.

هنن چيو ته واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به موجود آهن جن ۾ حملو ڪندڙ جوابدار واضح آهن پر لاڙڪاڻو پوليس ڌر بڻجي جوابدار گرفتار نٿي ڪري.

سندن چوڻ هو ته ڀٽو جي اصل وارثن کي تنگ ڪيو پيو وڃي جيڪو سراسر ظلم آهي، ظالم حڪمرانن جي آڏو ڪنهن به صورت ۾ نه جهڪي مهاڏو اٽڪايو ويندو.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته غنويٰ ڀٽو جي پيٽرول پمپ تي حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪن، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghauspur: Protest by heirs against police alleged act

نيوز: غوثپور: ميھڙ ۾مبينا پوليس مقابلي ۾مارجي ويل استاد جي وارثن جو احتجاج

* ميھڙ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل استاد عبد الفتاح جي  وارثن غوثپور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے