22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي. جواد ظريف خاص جهاز ذريعي اسلام آباد پهتو ته پرڏيهي کاتي جي اختيارين سندس آجيان ڪئي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جواد ظريف پنهنجي پاڪستاني هم منصب شاهه محمود قريشي سان گڏ باضابطا طور ڳالهيون ڪندو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ون آن ون ملاقات به ٿيندي. ترجمان موجب جواد ظريف وزيراعظم عمران خان سان به ملاقات ڪندو، جڏهن ته سندس عسڪري اڳواڻن سان ملاقاتن جو به امڪان آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته نئين حڪومت کانپوءِ ڪنهن به ملڪ جي پرڏيهي وزير جو اهو پهريون پاڪستاني دورو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاناما ريفرنسز جي منتقلي خلاف نيب اپيل 25 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف بابت پاناما ريفرنسز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے