20 خميس , سيپٽمبر 2018

ٿر ۾ ڏڪار جا هاڃا

ٿر مان ايندڙ اطلاعن موجب ڏڪار جي سنگينيءَ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته اڃان ڏڪار جا شروعاتي ڏينهن آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ تائين ملندڙ اطلاعن موجب ٿر جي مختلف علائقن ۾ صحت جي سهولتن جي اڻهوند ۽ بهتر علاج نه ملڻ ڪري ڏهن جي لڳ ڀڳ معصوم ابهم ٻارڙن جي فوتيگن جا اطلاع مليا هيا، جن ۾ هن وقت تائين جي ملندڙ اطلاعن موجب وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، ۽ هلندڙ مهيني دوران مرندڙ ٻارن جو انگ چوئتاليهه آهي جن سميت مجموعي طور تي گذريل ٽن چئن معصوم ٻارڙن جي فوتگين جو انگ وڃي ڪو چئين سون تائين پهچي ٿو.
وڌيڪ اطلاعن موجب ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال جا جيڪي منظر سامهون اچي رهيا آهن آهن انهن موجب سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ برقرار آهي، جنهن سبب ٿر واسي صحت جي بنيادي سهولتن کان محروم ٿي ويا آهن، ستن تعلقن مٺي،اسلام ڪوٽ ڏيپلو، ننگرپارڪر،ڪلوئي،ڏاهلي،ڇاڇرو جي شهرن سميت ٻهراڙين جي ڳوٺن جي اسپتالن ۽ ڊسپينسرين ۾ صحت جي بنيادي سهولتن، دوائن ۽ عملي جي کوٽ برقرار آهي.
سنڌ حڪومت پاران ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ڏنل موبائل اسپتالن واريون گاڏيون بي لاڀ بڻيل آهن، ڪچن رستن وارا ڳوٺ صحت جي سهولتن کان بلڪل محروم آهن، ٿر ۾ ڏڪاري حالتن بعد لڏپلاڻ جو سلسلو تيزيءَ سان جاري آهي، روزاني ڪيئي خاندان لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، چوپائي مال جي مرڻ جو سلسلو به شروع آهي.
مٿي ذڪر ڪيل انتهائي ڏکويل صورتحال جي پس منظر ۾ جيڪا ڳالهه وڌيڪ ڏکائيندڙ آهي، اها آهي سنڌ حڪومت جو ان پاسي توجهه نه ڏيڻ، ايتري حد تائين جو هن وقت تائين ٿر جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا ضلعي سطح تائين ڪميٽي به نه جوڙي وئي آهي.
ٿر جيڪو هميشه متاثر رهيو آهي ۽ هر طرح سان متاثر رهيو آهي، پر ان تي ڪڏهن به ڪنهن به حڪومت ڪا جوڳو توجهه نه ڏنو آهي. ٿر ۾ بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اسپتالن جو نظام بهتر ڇو نه آهي، ضلعي سطح تي موجود اسپتالن ۾ بي انتها ڪرپشن ڇو آهي، بيڊ، دائون ، ڊاڪٽر ۽ اسٽاف موجود ڇو نه آهي،
تعلقي سطح تي پڻ صورتحال ان کان بدتر آهي ۽ يوسي سطح تائين بنيادي صحت يونٽن جو نظام ته نه هجڻ جي برابر آهي، سڄي ضلعي ۾ صحت جون بنيادي سهولتون ۽ وسيلا ايترا تباهه ۽ برباد ڇو آهن جو گذريل ٻن ٽن مهينن ۾ چارسو جي لڳ ڀڳ معصوم ٻارڙا موت جو شڪار ٿي چڪا آهن، انهن ٻارڙن جي موت جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي ؟ سنڌ حڪومت جي ڪابينه کي، سنڌ جي صحت جي وزير کي، صحت جي وزارت جي ڪامورن کي، ڪنهن کي ذميوار قرار ڏجي،
ڪروڙين روپين جي خرچ سان ٿر ۾ صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪندڙ موبائل ڊسپينسريون ناڪارا ڇو آهن ڇا، انهن جي ناڪارا هجڻ جو ذميورا ان اسڪيم جي تجويز ڪارن ۽ منصوبه سازن کي ڏجي يا ان جي انتظاميه کي قرار ڏجي،
ڏڪار ڪري ڪيئي خاندان لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن، جن کي فوري سهائتا جي ضرورت آهي انهن کي سندن علائقن ۾ سهائتا جي ضرورت آهي، جيڪا نه پئي ٿئي ۽ لڏ پلاڻ سبب ٻارڙا اجل جو شڪار ٿي رهيا آهن، چاري نه هجڻ ڪري مال متاع مري رهيو آهي، ان جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي.
ٿر جي ڏڪاري حالتن جو اڃان تائين ڪو نوٽس نه ورتو ويو آهي، ان جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي…،
سنڌ جي عوام سميت اسان پڻ اها تنقيد ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته ٿر ۾ پيش آيل انساني المئي جي ذميوار جيڪڏهن قدرت آهي ته ان المئي کي سنگين ڪرڻ لاءِ ذميوار سنڌ حڪومت آهي، آفتون قدرت طرفان چئي سگهجن ٿيون پر حڪومتون ان لاءِ هونديون آهن ته انهن آفتن کي منهن ڏئي انساني تڪليفون گهٽائين انساني سانحن کي گهٽ ڪري، اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيندو جڏهن حڪومت ۽ سندس لاڳاپيل ادارا پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪن، پر اسان کي انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ ڪي به ذميوراريون، ادا ڪرڻ کان قاصر آهي جيڪا ڳالهه سامهون ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، پر جيڪڏهن ڪو ائين چئي ته نه حڪومت پنهنجي ذميواري ادا ڪري رهي آهي ته پوءِ ان ذميواريءَ جو عمل، موقعي تي ڇو نه ٿو ملي ؟ ڇا حڪومت جا ذميوار ٿر جي سانحي ۽ المئي کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪم ته جاري ڪن ٿا پر پوءِ هيٺ ذميوار ادارا غفلت جو مظاهرو ڪري پنهنجيون ذميواريون پوريون نه ٿا ڪن، جي اهڙي ڪا صورتحال آهي ته انهيءَ سموري صورتحال ۾ ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي ؟ ان جو فيصلو پاڻ حڪومت ڪري.
اسان هتي فقط اها گذارش ڪنداسين ته نه رڳو ٿر پر سڄي سنڌ ۾ نه رڳو صحت جو شعبو پر سنڌي سماج جو هر شعبو حڪومت جي توجهه جو منتظر آهي ۽ سنڌي سماج جي هر مسئلي کي حل ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، جيڪا هر حال ۾ پوري ٿيڻ گهرجي.
ٿر جي سانحي کي فوري طور تي توجهه ڏئي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، خاص ڪري صحت جي مسئلي کي فوري ۽ بنيادي طور تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

خميس 30 آگسٽ  2018ع، 18 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ – افغان لاڳاپا ۽ علائقي جو امن

افغانستان ۾ روس جي آمد بعد ۽ وري روس جي نيڪاليءَ بعد جيڪا جنگ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے