22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

جبري گمشدگين خلاف ملهائيجندڙ عالمي ڏينهن

صدام  ساگر

جبري گمشدگي اهڙو عمل آهي، جيڪو اظهار جي آزاديءَ کي قبول نه ڪندي ڪنهن فرد جي سياسي چرپر تي بندش لاڳو ڪندو آهي، اهڙي بندش اڪثر طاقتور ۽ حاڪم لاڳو ڪندا آهن، مهذب معاشرا اهڙي عمل کي بلڪل برداشت ناهن ڪندا، دنيا ۾قانون جي حڪمراني طور وڏن ملڪن (برطانيا، ڪئناڊا توڙي ٻين ۾) ماڻهو کنڀڻ ته پري کين عدالتي حڪم بنا گرفتار به نه ٿو ڪري سگهجي.

جبري گمشدگيون بنيادي طور انساني حقن، آئين جي لتاڙ ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، جبري گمشدگيون نابالغ سياسي قوتن ۽ هڪ غير جمهوري ملڪ جي حڪمران طبقي جي پاليسي جو نتيجو آھي، هڪ جمهوري ملڪ ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي ماڻھن جو گم ٿيڻ نامناسب عمل آھي، کنڀي گم ڪيل ماڻھن جا ڪيترائي سبب آھن انھن کي پُڻ گھري نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آھي.

پاڪستان به 10 ڊسمبر 1948ع ۾ گڏيل قومن جي پاس ڪيل انساني حقن جي پڌرنامي تي صحيح ڪري چڪو آهي جنهن پاس ٿيل بل جو بنيادي مقصد اهو آهي ته جبري گمشدگيون نه صرف انساني حقن جي لتاڙ آهي پر قانوني طور ڏوهه پڻ آهي پر ان پاس ٿيل پڌرنامي جي ڀڃڪڙي به ته سواليا نشان بڻيل آهي!

پاڪستان ۾جبري طور گم ڪرڻ وارو عمل 1960ع شروع ٿيو، جڏهن جنرل ايوب جي حڪومت هئي، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سينٽرل ڪاميٽي جي ان سال جي ميمبر ڪامريڊ حسن ناصر جي ملڪ ۾ پهرين جبري گمشدگي ۽ عدالت کان مٿانهون قتل هو، جنهن کانپوءِ وقتن بوقتن اهو سلسلو جاري رهيو ۽ پر جنرل مشرف جي دور ۾ ان اوج ورتو جنهن بعد بلوچستان ۾ آپريشن ٿيو پوءِ ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري چچريل لاش موڪليا ويا، 2008ع کانپوءِ ان سلسلي شدت اختيار ڪئي جيڪو هينئر روز جو معمول بڻيل آهي، سنڌ ۾ته گذريل هڪ سال اندر جهڙي ريت پر امن سياسي ڪارڪنن، ليکڪن، اديبن، شاگردن ۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، ان جو مثال اڳ ۾ ڪٿي به نه ٿو ملي.

بلوچستان ۾2007 ع ۾قوم پرست اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي جي قتل بعد بلوچستان ۽ سنڌ ۾هي مسئلو شدت اختيار ڪري ويو، گم ٿيل ماڻهن جو تعداد ڪيترو آهي، جنهن جو تعداد سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن وٽ به موجود ڪانهي، جڏهن ته ”وائيس فار بلوچ مسنگ پرسن“ جي دعويٰ آهي ته 20 هزار جي لڳ ڀڳ بلوچ گم ٿيل آهن، جڏهن ته ”وائيس فار مسنگ پرسن“ موجب سنڌ ۾گم ٿيلن جو انگ 160 جي لڳ ڀڳ آهي، ٻئي طرف پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) جو چوڻ آهي ته 8 هزار پشتون گم آهن، جيڪي سالن کان گم آهن اهي اڃا تائين ظاهر ناهن ٿيا! اهو هڪ وڏو سوال آهي آخرڪار اهي ماڻهو ڪاڏي ويا آهن، کين آسمان کائي ويو آهي يا زمين ڳهي وئي آهي؟؟

جبري طور کنڀي گم ڪرڻ جهڙي انتهاپسنداڻي ۽ پرتشدد رجحان خلاف ماما قدير بلوچ جي اڳواڻي ۾ هن ڪڌي عمل خلاف تحريڪ هلي ۽ اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو ويو، هڪ حقيقت آهي ته جڏهن ناانصافي قانون بڻجي وڃي ٿي تڏهن بغاوت فرض بڻجي ٿي.

جبري گم ٿيلن جي باري ۾ قائم ڪميشن جي تعداد مطابق ان وٽ 5075 شڪايتون وصول ٿيل آهن، هن سال جي شروعاتي 6 مهينن ۾ 605 درخواستون وصول ٿيون آهن ۽ گذريل سال 12 مهينن ۾ 868 درخواستون آيون هيون.

سنڌ ۾گذريل چئن سالن کان ”سنڌ پروگريسو ڪاميٽي“ جي پليٽ فارم تان ان جي خلاف جدوجهد جاري آهي، جنهن کانپوءِ ”وائيس فار مسنگ پرسن“ جي پليٽ فارم تي جيڪا جدوجهد شروع ٿي، 20 مئي 2018ع تي ڪراچي پريس ڪلب تي بک هڙتالي ڪئمپ تي حملي کانپوءِ جيڪا باهه ڀڙڪي جيڪا اڃا جهڪي ناهي ٿي، اها ڪاوڙ ۽ احتجاج جي نئين لھر ان جو ثبوت آھي ته نه صرف سنڌي پر هر مظلوم فرد انساني حقن جو احترام چاهي ٿو، ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ نياڻين جي تذليل بعد ھاڻي اھو مامرو ڪنھن مخصوص پارٽي جو نه پر مجموعي سنڌي سماج جو آواز بڻجي ويو آھي.

مسنگ پرسن وارو مامرو خود هڪ ”مسنگ مامرو“ آهي، جبري گمشدگين جا سماج تي ڪيترائي ناڪاري اثر به پوندا آهن جيڪي زندگي جي ڪارونهوار کي به متاثر ڪندا آهن، اهو عمل انسان جي شعور، عقل ۽ فهم کي متاثر ڪندو آهي جنهن جي ڪري ماڻهو نفسياتي طور ان جو شڪار ٿيندا آهن.

اها ڳالهه واضح آهي ته انسان جو هر عمل سياسي آهي ۽ ٻيو ته ملڪ جي سياسي صورتحال ته نظر وجهنداسين ته پتو پوندو ته ملڪ ۾ٻه سياسي قوتون موجود آهن هڪ اها اقتداري ڌريون جيڪا عوام جي پئسي ۽ ٽيڪسن تي پنهنجو پيٽ پالين ٿيون ۽ ٻيو قومي تحريڪ يا عوامي پارٽيون جيڪي هميشه مظلومن جي سڏ جو پڙاڏو بڻجن ٿيون پوءِ اهو پاڻي کوٽ، ڌارين خلاف ڪا تحريڪ هجي يا کڻي وسيلن تي ڌاڙي جي ڳالهه هجي مطلب ته هر عمل ۽ هر مظلوم سان گڏ بيهندي آهي ان سان پوءِ ادارن ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿيندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ آواز اٿارڻ تان ماڻهو کنڀيا ويندا آهن انهن تي ڪوڙا، بي بنياد الزام کين لڳائي ماريو ويندو آهي يا چچريل لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا آهن، جنهن مان مراد آهي ته عوام کان احتجاج ڪرڻ جو حق به کسيو ويو آهي، اها ته عام ڳالهه آهي بيجان جسم ته احتجاج ته نه ڪندا، جنهن لاءِ ”خليل جبران“ چيو ته بي شعور دماغ بغاوت نه ڪندا آهن ۽ بيجان احتجاج نه ڪندا آهن“ جبري طور ماڻھن جي کنڀي گم ڪرڻ واري سلسلي سماج تي غير صحتمند اثر ڇڏيا آھن، ائين چئجي ته ڪنهن به شخص وٽان بنيادي حق کسجي وڃن ته پوءِ جيئڻ جو ڪوبه جواز نه ٿو رهي.

ڪافي سارا سوال اٿن ٿا انهن جي لاءِ جوابدا ڪير هوندو؟ جيڪڏهن حڪومت آهي ته سوال ان کان ئي ٿيندو، پهريون جيڪو رياستي قانونن ۾ انساني حقن جي ذميوار حڪومت آهي، عوامي ٽيڪس، عوام جي پئسن ۽ عوامي وسيلن تي هلندڙ تمام حڪومتي ادارا ان صورتحال جا  ذميوار آهي، هاڻي ٿيڻ ته ائين گهرجي جو جيڪي به کنڀي گم ڪيل ماڻهو آهن جيڪڏهن انهن تي ڪا ئي ڪيس آهي يا ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهن ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪري انهن کي سياسي قيديءَ جي حيثيت ڏني وڃي،

جبري گمشدگين واري هن عمل خلاف سڀني کي گڏيل جهدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ هڪ آواز ٿيڻو پوندو ، ان ڪري سنڌ کي منظم، پائيدار ۽ روشن خيال سياسي اتحاد جي سخت ضرورت آهي، عوامي قوتن کي گهرجي هن سنجيده عمل تي نه صرف سوچن پر آئين تي عمل درآمد ڪرڻ جي ضرورت پڻ آهي  نـه تـه سماج بنهھ بغاوت جي واٽ وٺندو جيڪو انارڪي جو گندو روپ ھوندو، جيڪو انتهائي نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے