21 جمعو , سيپٽمبر 2018

عامر لياقت کانپوءِ پي ٽي آءِ جو آفتاب جهانگير پارٽي کان ناراض

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف ايم اين اي عامر لياقت حسين کانپوءِ پي ٽي آءِ جو وڌيڪ هڪ ايم اين اي آفتاب جهانگير پارٽي کان ناراض ٿي ويو آهي. آفتاب جهانگير پي ٽي آءِ سان احساس محروميءَ جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته اسان به ڪراچي مان چونڊيا آهيون پر افسوس آهي ته ڀلي اسلام آباد هجي يا ڪراچي اسان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.  هن چيو ته ايم ڪيو ايم سان ملاقات هجي يا اداره نور حق جو دورو اسان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، اسان سان ڪو به رابطو ناهي. آفتاب جهانگير تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي کان مطالبو ڪيو ته  توهان ڪراچي جا وڏا آهيو، معاملن کي پاڻ ڏسو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے