19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: سکر: ٻه سال گذري چڪا آھن ، اڃان تائين رٽائرمينٽ جي رقم جي ادائگي ناهي ٿي: اهلڪار

Sukkur: Two years passed, Still didn't get salary of retirement*سکر ۾ پنوعاقل جي رھواسي رٽائر پوليس اھلڪار پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي چيو ته  رٽائر ٿئي ٻه سال گذري چڪا آھن  پر اڃان تائين رٽائرمينٽ جي رقم جي ادائگي نه ٿي آهي.

انعام علي الزام هنيو  ته  ايس ايس پي آفيس جو ڪلارڪ  رشوت جو مطالبو ڪيو آھي نه ڏيڻ تي سندس رٽائرمنٽ جي ڪاغذن ۾ ھيرا ڦيري ڪري مسئلو الجھائي رھيو آھي.

  انعام علي چيو ته هو آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو  آھي  پر رٽائرمنٽ جي ادائيگي نه پئي ٿئي.

رٽائرڊ پوليس اهلڪار آءِ جي سنڌ ۽ بين پوليس جي ڪامورن کان  گھر ڪئي ته رٽائرمنٽ جي ادائيگي ڪري ڪلارڪ خلاف ڪاروائي  ڪئي وڃي………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے