24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: لاڙڪاڻو: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪچرو اڇلڻ لاءِ زمين جي ضرورت آهي:سعيد غني

Larkana: Need land to put all dirt into it: Saeed Ghani*مڪاني ادارن جي صوبائي وزير  سعيد غني چيو آهي تھ  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪچرو اڇلڻ لاءِ زمين جي ضرورت آهي.

لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو آهي تھ بلدياتي وزير جو عهدو سنڀالڻ بعد  هو  پهريون ڀيرو لاڙڪاڻي آيو آهي.

سعيد غني چيو تھ هن   ميئر سان گڏجي شهر جي مسئلن کي ڏٺو، لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي آفيس به وزٽ ڪئي، شهر جي مختلف  پاڙن جو دورو ڪيو.

هن چيو تھ ڪچرو جمع ڪرڻ سان گڏ ان کي ضايع ڪرڻ  بھ  تمام ضروري آهي، بلديات ۾ وڏي بهتري جي ضرورت آهي.

مڪاني ادارن جي صوبائي وزير چيو تھ  سنڌ جي ماڻهن جي خواهشن تي هو  پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندا.

 ان موقعي تي ميئر لاڙڪاڻي  اسلم شيخ سميت ڪيرائي پارٽي ڪارڪنن توڙي اڳواڻ ساڻس گڏ هئا……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے