20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: تنگواڻي: ڳوٺ ٿاغمان باجڪاڻي جي  پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال، تعليم متاثر

Tangwani: Building of primary school completely destructed*تنگواڻي ويجهو ڳوٺ ٿاغمان باجڪاڻي جي  پرائمري اسڪول جا معصوم شاگرد بلڊنگ ڪرڻ جي خوف  سبب کليل آسمان هيٺ علم پرائڻ لڳا، استادن اسڪول جي عمارت کان ٻاهر ٻارن کي علم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو .

اسڪول جي استاد شهزادو بکراڻي ۽ ٻين استادن پاران اسڪول کان  ٻاهر پڙهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو .

 معصوم شاگرد سجاد باجڪاڻي، افراز، روشني ، جميل احمد سميت سوين ٻارڙا مين روڊ تي نڪري اچي سخت گرمي ۾ پٽ تي ويهي پڙهڻ لڳا .

ان موقعي تي شاگردن ٻڌايو ته اسڪول جي عمارت زبون هجڻ ڪري هو اسڪول کان ٻاهر علم پرائڻ لاءِ به تيار آهن پر استادن پاران علم ونڊڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي .

ڳوٺاڻن اختر حسين باجڪاڻي ، امداد علي ، زاهد حسين باجڪاڻي ۽ ٻين چيو ته 2012 جي مها ٻوڏ ۾ بلڊنگ جي چوديواري ڪري پئي  هئي جيڪا هن وقت تائين نه ٺهرائي وئي آهي .

ڳوٺاڻن توڙي شاگردن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي آهي ته سندن اسڪول ۾ عمارت اڏارائي وڃي ته جئين علمي سرگرميون بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهن …………

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے