26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: مورو: پ پ شهيد ڀٽو پاران ڦورن هٿان قتل ٿيل ملازم جا قاتل گرفتار نھ ٿيڻ خلاف احتجاج

Moro: Protest by PPP Shaheed Bhutto against murderers*مورو  ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران غنويٰ ڀٽو جي پئٽرول پمپ تي ڦورن هٿان قتل ٿيل ملازم جا قاتل گرفتار نھ ٿيڻ خلاف احٽجاج ڪيو ويو.

پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو جي چيئرپرسن محترم غنوىٰ ڀٽو جي رتوديرو پيٽرول پمپ تي ڦورن هٿان قتل ٿيل ملازم علي حسن عمراڻي جي قتل ۾ رتوديرو پوليس پاران جوابدار گرفتار  نھ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي راشد علي ڪلھوڙي، خالد حسين کوسي، ماجد علي سھتي ۽ ٻين چيو تھ  چار ڏينھن اڳ ڦورو رتوديرو پيٽرول پمپ تي چڙھائي ڪري ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

هنن چيو تھ ڦر دوران  علي حسن عمراڻي ڦورن سان مزاحمت ڪئي جنھن ۾ ڦورن کيس گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

اڳواڻن چيو تھ  رتوديرو پوليس جوابدارن سان ٻِٽُ ھئڻ  ڪري  جوابدارن کي گرفتار نھ پئي ڪري.

هنن چيو تھ  پوليس ۾ ڪجهه  ڪاريون رڍون ڏيتي ليتي عيوض جوابدارن کي رليف ڏيئي ڪيس لوڙھڻ چاهن ٿيون.

مظاهرين آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽِس وٺي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات ٻارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-25

*ڀرياسٽي: اغوا ٿيل ڪنڊياري واسي نوجوان جي آزادي لاءِ وارثن پاران احتجاج *ٺٽو: پوليس جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے