25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل ليکڪ عيسيٰ ميمڻ جي بازيابي لاءِ مظاهرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي نامياري ليکڪ، سنڌي ۾ ايم فل جي ڊگري رکندڙ استاد محمد عيسيٰ ميمڻ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس گهر ڀاتين، استادن ۽ شاگردن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عيسيٰ ميمڻ جي امڙ عائشه ميمڻ، گهر واري ياسمين ميمڻ، ڀيڻ اشرف خاتون، نياڻين بختاور ميمڻ، ڀاءُ سيف الله ميمڻ، سماجي اڳواڻ حيدر جويو، گسٽا اڳواڻ جي ايم ابڙو، گسٽا تعلقي جو صدر عبدالصمد کوکر، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ منظور منگي، ياسر جوڻيجو، خليق ميمڻ، لياقت کوکر، اطهر جانوري، خادم گهانگهرو ۽ ٻين چيو ته عيسيٰ ميمڻ باشعور شهري آهي جنهن جو واسطو ڪڏهن به ڪنهن ڪڌي عمل يا ڏوهاري سرگرمين سان نه رهيو آهي جيڪو رياست ۽ ان جي قانون توڙي قاعدن تي هلندڙ ذميوار ماڻهو آهي مٿس ڪو به الزام نه آهي پر ان جي باوجود کيس هڪ ڏينهن اڳ شام جو گورنمينٽ ميونسپل هائير سيڪنڊري اسڪول جي لائبريري مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته عيسيٰ ميمڻ 6 ڪتابن جو ليکڪ ۽ ايم فل اسڪالر آهي جنهن اديب ۽ استاد جي حيثيت سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي، ان جي کنڀجڻ بعد سندس امڙ، گهر واري، نياڻيون، ڀينرون، استاد ۽ شاگردن ۾ سخت پريشاني جي لهر ڇانيل آهي. هنن وزيراعظم عمران خان، چيف آف آرمي اسٽاف، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل عيسيٰ ميمڻ کي آزاد ڪرائي گهر ڀاتين ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.6

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ-ڀارت جنگ جو سوچڻ به بيوقوفي آهي، ن ليگ حڪومت ۾ شامل سڀ جيل ويندا: فواد چوڌري

اسلام آباد ( م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے