20 خميس , سيپٽمبر 2018

صدارتي اميدوارن جا فارم منظور، ورڪ تيز، اعتزاز جو نالو پي ٽي آءِ جي صلاح تي آڻڻ جو انڪشاف

ڪراچي/ ڪوئيٽا / اسلام آباد (رپورٽر/ م ڊ) صدارتي چونڊ لاءِ ٽنهي اميدوارن اعتزاز احسن، عارف علوي ۽ مولانا فضل الرحمان جا ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن. اميدوارن چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي. مولانا فضل الرحمان ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي کان ووٽ گهري ورتا. بلوچستان مان تحريڪ انصاف کي حمايت ملي وئي آهي. صدارتي چونڊ لاءِ اعتزاز احسن، مولانا فضل الرحمان ۽ ڊاڪٽر عارف علوي جا نامزدگي فارم منظور ڪري ورتا. چيف اليڪشن ڪميشن سردار محمد نامزدگي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا. نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ وقت اعتزاز احسن ۽ عارف علوي پاڻ پنهنجن ساٿين سان گڏ اليڪشن ڪميشن ۾ موجود هئا، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان جي جاءِ تي جي يو آءِ(ف) ۽ مسلم ليگ(ن) جا اڳواڻ آيا.. عارف علوي جي نامزدگي ڪاغذن تي مولانا فضل الرحمان جي وڪيل مرتضيٰ اعتراض واريندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عارف علوي خلاف پٽيشن داخل ٿي آهي. جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان کي ڪو به نوٽيس ناهي مليو، جڏهن نوٽيس ئي ناهي مليو ته اسان ڪارروائي ڪيئن ڪيون؟ ڪامران مرتضيٰ چيو ته مان اهو معاملو توهان جي نوٽيس ۾ آڻڻ چاهيان ٿو. چيف اليڪشن اعتراضن کي رد ڪندي عارف علوي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا. صدارتي اميدوارن مولانا فضل الرحمان ۽ ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. جميعت علماءَ اسلام جي سربراھ مولانا فضل الرحمان صدارتي ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ فنڪشنل ليگ ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ڪالهه مولانا فضل الرحمان جي ڊي اي حمايت لاءِ فنڪشنل ليگ سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاھ راشدي سان ڪنگري هائوس ۾ ملاقات ڪئي. جنهن بعد جي يو آءِ سربراھ ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان سان پڻ بهادرآباد ۾ ملاقات ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ وٽ اڪثريت ناهي. پير پاڳاري شفقت جو مظاهرو ڪيو آهي. متحده اپوزيشن مون کي صدارتي اميدوار بڻايو آهي،  مونکي پ پ ۽ ن ليگ طرفان ٻنهي پارٽين وچ ۾ ڳالهين لاءِ ذميواري ڏني وئي هئي، اسان پ پ کي ووٽ لاءِ آماده ڪري رهيا آهيون، آصف علي زرداري تي هلندڙ ڪيسن جي حوالي سان صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي هِن چيو ته مان پنهنجي دوست جي حوالي سان مشڪل سوالن جا جواب نه ڏيندس. سيد صدرالدين شاھ راشدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان صدارتي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ وارو معاملو جي ڊي اي اڳيان رکنداسين.  اميد آهي ته جي ڊي اي بهتر فيصلو ڪندي. هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي عارضي مرڪز بهادرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ايم ڪيو ايم مان به اميد آهي ته هُو صدارتي ووٽ متحده اپوزيشن کي ڏيندا. بلوچستان عوامي پارٽي صدارتي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي نامزد صدارتي اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، 4 سيپٽمبر جي صدارتي چونڊن ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جا ميمبر پي ٽي آءِ جو نامزد صدارتي اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، پاڪستان تحريڪ انصاف جو سينيئر اڳواڻ جهانگير ترين ، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر محمد قاسم خان سوري اربع تي ڪوئيٽا پهتا ۽ وزيراعليٰ بلوچستان ڄام ڪمال خان سان ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي صدارتي چونڊن ۾ حمايت ڪرڻ تي بي اي پي جي سربراهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪو اهڙو واعدو نه ڪيو آهي جنهن تي عمل نه ڪيو هجي، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو ته پروٽوڪول ڪلچر جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. نيون حڪومتون ٺهيون آهن، پروٽوڪول جي نالي تي رستا بند نه ٿيڻ گهرجن، هوڏانهن هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي به  عارف علوي جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته  پيپلز پارٽي طرفان نامزد صدارتي اميدوار اعتزاز احسن اميد ظاهر ڪئي آهي ته مولانا فضل الرحمان منهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندو. مولانا فضل الرحمان ذاتي دوست آهي، سندس احترام ڪريان ٿو. هن چيو ته سڀني پارٽين مان ووٽ ملڻ جي اميد آهي اهو ضمير جو ووٽ آهي ۽ سيڪرٽ بيلٽ ضمير جو ووٽ هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته صدارت لاءِ موزون ڪير آهي ان جو فيصلو ووٽر کي ڪرڻو آهي اميد آهي ته پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ميمبر مونکي ووٽ ڏيندا.هوڏانهن دنيا نيوز پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اعتزاز احسن کي پ پ جو صدارتي اميدوار تحريڪ نصاف نامزد ڪرايو آهي. ذريعن موجب وفاقي وزير فواد چوڌري و خورشيد شاهه سان ملي گڏيل اميدوار آڻڻ جي صلاح ڏني. جنهن تي خورشيد شاهه آصف زرداري جو نالو ڏنو ته فواد چوڌري انڪار ڪندي اعتزاز جو نالو ڏنو. جنهن تي خورشيد شاهه نالو فائنل ڪيو ۽ بعد ۾ پ پ وارن ان جو اعلان ڪيو پر تحريڪ انصاف پنهنجو اميدوار عارف علوي کي ڪيو. ذريعن موجب ان موقعي تي راجا پرويز اشرف به موجود هو. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے