19 اربع , سيپٽمبر 2018

نواز شريف سان نه ملندڙ نيب چيئرمين جي عمران خان سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن ۽ ڪرپٽ عنصرن جو بنا فرق جي احتساب حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم عمران خان سان نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي وڌايون ڏنيون.وزيراعظم عمران خان نيب چيئرمين سان ملاقات ۾ قومي احتساب بيورو جي تازي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ۽ شفافيت کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، بدعنوان ۽ ڪرپٽ عنصرن جو بنا فرق احتساب حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت نيب کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اداري جي انگ کي وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي.0429

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے