20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: شڪارپور: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ٻه نوجوان زخمي

Shikarpur: Two armed men fired at young men*شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي مقامي هوٽل تي ويٺل ماڻهن مٿان ڪارسوار هٿياربندن جي سڌي فائرنگ جي نتيجي ٻه نوجوان زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ شڪارپور جي خان چندآباد پاڙي جا رهواسي لال بخش بروهي ۽ غلام نبي مگسي شامل آهن

زخمين کي کي هوٽل ٿي ويٺل ماڻهن کڻي آر بي يو ٽي سول اسپتال شڪارپور پهچايو جتان لال بخش بروهي کي ٽي گوليون لڳڻ سبب شڪارپور اسپتال مان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو

 زخمي واقعي واري هنڌ بيٺل ماڻهن چيو ته واقعو بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار سبب پيش آيو آهي

 هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪار سوار هٿياربندن هوٽل تي ويٺل لال بخش عرف لالو بروهي مٿان فائرنگ ڪئي جنهن بعد هو سرعام فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Moomal ji Maari: People have arrived on their loved ones grave

نيوز: مومل جي ماڙي: ماڻهن پنهنجي پيارن جي قبرن تي پهچي ويا

* ڪربلا جي شھيدن کي ياد ڪرڻ سان گڏ مومل جي ماڙي جا رھواسي پنھنجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے