25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: گمبٽ: لاڙڪاڻي واسي ڊاڪٽر الطاف تي پوليس تشدد خلاف احتجاج

Gambat: Altaf Hussain protest against police violenceگمبٽ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن پاران لاڙڪاڻي واسي ڊاڪٽر الطاف تي پوليس تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

محمد ادريس، آزاد جوڻيجي ۽ منصور سومري سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽر الطاف سومري کي کنڀي تشدد ڪرڻ تي پوليس خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن الزام هنيو ته لاڙڪاڻو پوليس واپڊا جي ونگار وهندي سينيئر ڊاڪٽر الطاف سومرو تي تشددڪري آفيس مان کنڀي کڻي وئي آهي، جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

 اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر الطاف سومرو کي آزاد ڪري ملوث پوليس عملي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪن، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kotri, STP, KalabaghDAm

نيوز | ڪوٽڙي: ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

ڪوٽڙي ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ڪالا باغ ڊئم جي اڏاوت ۽ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے